سنڌ ۾ باهه جا واقعا: 35 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا

0
159
سنڌ ۾ باهه جا واقعا: 35

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه جي ڌار ڌار واقعن ۾ 35 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن

لاڙڪاڻو ڀرسان ٿررڙي خير محمد ۾ خوفناڪ باهه جي نتجي ۾ 20 گهر سڙي ويا،گهرن ۾ رکيل اناج  ۽ هنڌ بسترن سوڌو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو

ميرو خان ڀرسان ڳوٺ ٻٻر چانڊيو ۾ باهه سبب 10 ايڪڙن تي بيٺل پلال ۽ بُهه سڙي ويا، ڪيترائي وڻ به سڙي ڪوئلو ٿي ويا

بخشاپور لڳ ڳوٺ مير هزار وزيراڻي ۾ بجليءَ جي تار ڪرڻ سبب باهه ڀڙڪي پئي، 5 گهر ۽ مينهن جو هڪ واڙو سڙي ويو

خيرپور ويجهو ڀاڻو ڳوٺ ۾ هڪ گهر کي باهه وڪوڙي وئي، سمورو سامان سڙي رک، گهر ۾ بيٺل 2 ٻڪريون به سڙي مري ويون، ڪنهن به علائقي ۾ انتظاميا جي فائربرگيڊ گاڏي نه پهتي

باهه متاثر ڪٽنب کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، چونڊيل نمائندي يا سرڪاري ڌر جي ڪنهن عملدار سندن واهر ناهي ڪئي