ميهڙ (ن پ ا) جماعت اسلامي اڳواڻ ۽ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي سيد عبدالرشيد شاہ ميھڙ پھتو جتي ھن ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري ماڻھن کان صورتحال معلوم ڪئي ان موقعي تي ايم پي اي سنڌ اسيمبلي عبدالرشيد شاهه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌ ۾ جڳھه جڳھه بااثر پاڻي کي رستو نه پيا ڏين ، پ پ پ اميدوارن کي ڪلھن تي کڻي اقتدار تي پھچائيندڙ بي وسي ، بدحالي ۽ لاچاري جي صورت ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن ڪيتريون ئي جانيون روز اجل جو شڪار ٿين پيون پر سندن واھر ڪرڻ وارو ڪوئي بہ ناھي حڪومت سنڌ ھنن کان لڪڻ بجاء پنھنجي ذميواري کڻي ۽ ڪنھن وڏي قيامت جو انتظار ڪرڻ بجاء فوري پاڻي کي رستو ڏين تہ جيئن انساني جانيون بچي سگھن ھن وقت سنڌ جي ھر ڳلي ،ضلعو، محلو،  تعلقو ھر جڳھ درياء جو ڏيک ڏئي رھي آھي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت فوري تحرڪ ۾ اچن.