سنڌ ۾ اڄ کان ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند ڪرڻ واري فيصلي تي عملدرآمد

0
460

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اڄ کان ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند ڪرڻ واري فيصلي تي عملدرآمد، ٻين ڏينهن ۾ ڪاروبار سحري کان شام 6 وڳي تائين کولڻ جي اجازت، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نئين حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار مڪمل طور بند رهندو، هوٽل اندر ماني کائڻ تي پابندي برقرار، افطار کانپوءِ رات 12 وڳي تائين هوٽل ٻاهران کُليل جاءِ تي کاڌو کائڻ جي اجازت، بيڪري، ڪرياني، کير، گوشت ۽ ميون سوڌو عام واهپي جي شين جا دڪان پابندي کان آجا قرار، ڪراچي ۾ واپارين حڪومتي پابندي باوجود اڄ ڪاروباري مرڪز کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.