ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اڄ کان ٻن ڏينهن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي، ٻين صوبن کان سنڌ ايندڙ مسافرن کي صوبي ۾ سڀاڻي رات تائين صوبي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، سنڌ سرڪار ڇنڇر ۽ آچر تي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، پنجاب به آچر جي رات 12هين وڳي تائين ٻين صوبن کان ايندڙ مسافر گاڏين جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، مال بردار گاڏين کي پنجاب ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي هفتي ۾ 2 ڀيرا پابندي 26 اپريل تائين لاڳو هوندي.