ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اٺين ڪلاس تائين اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي، ڪراچي ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ اسڪول بند ڪرڻ بابت ٻه تجويزون سامهون آيون آهن، ذريعن موجب اجلاس جي دوران اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن سنڌ ۾ اٺين جماعت تائين اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ ڪجهه ميمبرن اسڪولز کي 15 ڏينهن تائين مڪمل طور بند ڪرڻ جو چيو ۽ ڪجهه ميمبرن اسڪولن کي بند ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، ذريعن موجب اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اڪثر ميمبرن چيو ته نائين کان ٻارهين تائين ڪلاسز جاري رکڻ گهرجن، ان موقعي تي پرائيويٽ اسڪولز جي نمائيندي اعتراض واريندي چيو ته جڏهن مارڪيٽون کليل آهن ته پوءِ اسڪول ڇو بند ڪيا وڃن،؟ اجلاس بعد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اجلاس ۾ اسڪولن کي بند ڪرڻ يا نه ڪرڻ جون ٻه مختلف تجويزون سامهون آيون آهن جيڪي اين سي او سي ۾ پيش ڪندس. هن چيو آهي ته اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ اسڪولن جي رمضان ٽائمنگ جي حوالي سان ڪا به تجويز ناهي آهي، سنڌ ۾ ڪورونا جي حوالي سان صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي..