سنڌ ۾ امتحان لاھور جون ڪمپنيون وٺنديون؟

0
244
سنڌ ۾ امتحان لاھور جون ڪمپنيون وٺنديون؟

 ڪجهہ ڏينھن کان ھڪ خبر مسلسل گردش ۾ آھي تہ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ھڪ اطلاع نامي موجب، ھاڻي سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ايجوڪيشن جا ساليانا امتحان، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي ايفليئيشن ڏيندڙ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي بجاءِ، “ٽين ڌر” پاران ورتا ويندا. ھن عمل جو جواز اھو ڄاڻايو ويو آھي تہ جيئن تہ تعليمي بورڊ مسلسل ڪرپشن جي ور چڙھيل آھن، ان ڪري انھن جي ساک اھڙي  نہ رھي آھي تہ ھو اميدوارن جا امتحان منعقد ڪري سگهن. ان ڪري ھاڻي اھڙي نقصان کان بچڻ جي لاءِ حڪومت فيصلو ڪيو آھي تہ سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليرٽري  اٿارٽي (سپپرا) جي ذريعي ٽئين ڌر جي ٽينڊر ذريعي چونڊ ٿيندي ۽ ان کان پوءِ اھو فيصلو ڪيو ويندو تہ ڪھڙي اداري جو پروپوزل وڌيڪ موزون آھي، جنھن کي اھو ڪانٽريڪٽ ڏنو ويندو. اھڙي ڇرڪائيندڙ فيصلي کانپوءِ نہ صرف ٻار ۽ استاد پر والدين ۽ سماج جون سڀئي باشعور ڌريون ان فڪر ۾ ورتل آھن تہ آخرڪار ائين ڪيسيتائين ھلندو تہ سرڪاري ادارن کي حڪمران طبقي پاران پنھنجي ناجائز مفادن جي ور چاڙھڻ کان پوءِ ٻيا ادارا ٺھندا رھندا ۽ وري انھن ادارن ۾ بہ ھنن جا مستقل مفاد ڳنڍبا ۽ ھڪ ڏينھن ڪرپشن ۽ بدعنواين جا ڪيس ھڻي ڪنھن ھڪ اڌ آفيسر کي معطل ڪري ان سڄي معاملي کي لئي مٽي ڪيو ويندو ۽ وري نوان ادارا بہ ٺھندا ۽ اصلي طاقتور ڌريون جيڪي ادارن ۾ ڪرپشن جون پاڙون مضبوط ڪن ٿيون، اھي وري پوتڙو ڇنڊي سڀ ڪجهه ھڙپ ڪري آزاد ھليون وينديون.

اھو ڪو پھريون ڀيرو ناھي تہ سنڌ حڪومت پنھنجي واتان پنھنجي ادارن جي ڪرپشن جي اعلان ڪرڻ کانپوءِ انھن جي بھتريءَ جي ڪوشش ڪرڻ جي بجاءِ ماڳھين انھن جي جاءِ تي نوان ۽ اھي بہ خانگي ادارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ھجي. ھن کان اڳ ۾ استادن جي تربيت جي لاءِ مختص ٿيل ٽيچرس ٽريننگ ڪاليجز ۽ پائيٽ کي باءِ باس ڪندي انھن جي تربيتن جا استحقاق سکر آءِ بي اي جي حوالي ڪيا ويا. وري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جڏھن ڪرپشن جي زد ۾ آيو ۽ ان تي ڪيس چٽا ٿي بيٺا تہ بجاءِ ان جي، جو ان اداري جي اندران ڪارين رڍن سميت ٻاھران ويٺل طاقتور ماڻھن جي مداخلت کي ختم ڪري انھن جي ساک کي بحال ڪجي، اتي بہ واحد حل سکر آءِ بي اي ڏسڻ ۾ آيو. ان جو مطلب اھو ناھي تہ ڪو سکر آءِ بي اي ڪو قابض ادارو آھي، جيڪو ٻين سڀني ادارن جي استحقاق تي ڌاڙا ھڻڻ پسند ڪري ٿو. اھا ڳالھ کليل دماغ سان قبول ڪرڻي پوندي تہ سنڌ جي تعليمي نظآم جي اندر جيڪڏھن ڪو ادارو پنھنجي ھڙان وڙان ڪو چڱو ڪم ڪري رھيو آھي تہ اھڙن ادارن جي فھرست ۾ سکر آءِ بي اي سڀني کان مٿان ايندو. پر اھو فقط ان روايت جو تسلسل آھي، جنھن ۾ سرڪاري ادارن جي ساک بچائڻ جي بجاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يا پرائويٽائيزيشن جي جن جي ذريعي پنھنجي طبقاتي مفادن کي حاصل ڪندو رھجي. بلڪل ائين سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران متعدد سرڪاري اسڪول پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت خانگي ادارن ۽ ماڻھن جي حوالي ڪيا ويا پر اسڪولن جي ڪارڪردگي بھتر بنائڻ واري پاليسيءَ تي عمل نہ ڪيو ويو. ائين ئي صحت جي شعبي جي بدترين ناڪاميءَ ۽ ڪرپشن جي اسڪينڊلز کان پوءِ پي پي ايڇ آءِ کي اسپتالن جا ٺيڪا ڏنا ويا. ۽ ھاڻي جڏھن تعليمي بورڊز جي صورتحال سامھون آئي آھي تہ اھي چئوٻول آھن تہ ان جو فيصلو ٿي چڪو آھي تہ لاھور جي ضياءُ الدين فائونڊيشن پاران ھلندڙ ايجنسي ريڊ مارڪر کي اھو ڪم سونپجي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت جي پنھنجي قانون ۽ فيصلن ۾ اھو ذڪر ٿيل آھي تہ اھڙو ڪوبہ فيصلو ڪنھن اڪيلي ماڻھوءَ جي صحيح سان نہ ٿو ٿي سگهي. ان جي لاءِ سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ اٿارٽيءَ جي ايڪٽ تحت پھرين ٽينڊر لاءِ بڊرز کي دعوت ڏني ويندي، جيڪي پنھنجي پنھنجا ٽيڪنيڪل ۽ فنانشل بڊز موڪلي ڏيندا. ان جي لاءِ ڪاميٽي قائم ٿيندي. ريڪيسٽ فار پرپوزل (آر ايف پي) ڊاڪيومينٽ ڄاڻايل ڏينھن ۽ جاءِ تي سڀني اميدوار ڌرين جي سامھون کوليا ويندا ۽ انھن مان ڪميٽيءَ جي سفارشن ۽ پروڪيورمينٽ اصولن پٽاندر موزون فرم کي اھو ڪانٽريڪٽ ڏنو ويندو. پر ھتي تہ فيصلي واري ڏينھن کان ئي اھي چئوٻول پيا ھلن تہ اھو ٺيڪو، لاھور جي ڪنھن ريڊ مارڪر ڪمپنيءَ کي ڏنو ويندو. مطلب نصاب سازيءَ واري وار تي جڏھن سنڌ بيحد حساس ٿي مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي تہ ھاڻي امتحان لاھور جون ڪمپنيون وٺنديون. پر ھتي پڇڻ جي ڳالھ اھا بہ آھي، تہ حڪومت ۽ ڪابہ خانگي ڪمپني اھو ڪيئن باور ڪرائي سگهندي تہ ھنن جي منعقد ڪيل امتحان جو طريقو بلڪل ڪرپشن کان پاڪ آھي؟ ڇا سنڌ جا لکين جاگيردار، وڏيرا ۽ ڪامورا ھڪڙي ئي فيصلي جي ڪري پنھنجا مفاد لاڳاپيل اداري مان ڪڍي پاسي تي ويھي رھندا تہ ھو ويھي تماشو ڏسن تہ ڏھين ۽ ٻارھين جي امتحانن ۾ ڪنھن جي ڪھڙي رزلٽ اچي ٿي؟ اھو تہ ديواني جو خواب آھي. ھيءُ سماج جنھن جي پاڙن ۾ جاگيرداراڻين روايتن جو زھر ڀريل ھجي، اتي ڪوبہ ادارو مڪمل طور آزاديءَ سان ڪم ڪري ئي نہ ٿو سگهي. تنھن ڪري جيسيتائين ان طاقت جي مدي خارج نظام کي پاڙئون نہ پٽبو تہ اتي ڪھڙي بہ قسم جو فيصلو ڪوبہ فائدو نہ ڏئي سگهندو.

ھتي انھن سڀني استاد تنطيمن جي خاموشيءَ تي پڻ شديد سواليہ نشان اٿي ٿو تہ پگھار جي ڪٽوتي ھجي يا امتحان جا بل ھجن، امتحان جون ڊيوٽيون ھجن يا اسيسمينٽ جا بنڊل ھجن، ان تي تہ استاد تنظيمون تمام گهڻي واويلا ڪنديون آھن، پر جڏھن بہ ادارن جي مجموعي ساک جو معاملو اٿندو آھي تہ ھر پاسي برفباري لڳي پئي ھوندي آھي. ڇا ڪنھن طريقي سان اھي مڙئي تنظيمون بہ ان عمل جو حصو آھن. يا ان جي اطلاق ۾ سندن بہ ڪا ڀاڱي ڀائيواري آھي؟ ڇا استادن جو تنظيمون ان معاملي تي ڪا جامع پاليسي يا رد عمل نہ ٿيون رکن؟ جيڪڏھن رکن ٿيون تہ خدارا اھو سنڌ جي ادارن جي تحفظ ۽ سنڌ جي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ھڪ آواز ٿي ھن سڄي معاملي جي خلاف بيھن ۽ نہ صرف ايترو پر جيڪڏھن ضرورت پوي تہ ھن معاملي کي ٽيڪنيڪل پيراميٽر پورا نہ ڪرڻ واري بنياد تي عدالت ۾ پڻ پھچائين.

ٿيڻ ڇا گهرجي؟ يا جيڪڏھن حڪمران جماعت اھو پڇي ٿي تہ آخرڪار اسان ڇا ڪريون؟ (جيڪو ھو ڪڏھن بہ ڪنھن کان بہ پڇڻ نہ ٿي چاھي) تہ ان کي فقط ھڪڙو ئي جواب آھي جيڪو ھن لطيفي سان ٺھڪندڙ آھي. ھڪڙي ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا، انھن مان وڏو سياڻو ھو، جيڪو ھن جي گهوڙي کي پاڻي پياريندو ھو، سندس ڪتي جي خدمت بہ ڪندو ھيو تہ ان سان گڏو گڏ شڪار ڪري پنھنجي پيءُ کي کارائيندو ھو. جڏھن تہ ٻيو ۽ ننڍو پٽ انتھائي ٽوٽي، نڪمو ۽ نااھل ھو. ھڪ ڏينھن جڏھن وڏو ڀاءُ بيماريءَ جي ڪري ڪوبہ ڪم ڪرڻ کان قاصر ھو تہ پيءُ ننڍي پٽ کي سڀ ذميواريون سونپيون. ھو ڪتو ۽ گهوڙو ساڻ ڪري ويو. پر شام لڙڻ تائين واپس نہ آيو، تہ پيءُ ھن جي ڳولا تي نڪتو. ڏسي تہ ھن وٽ نہ ڪتو آھي، نہ گهوڙو ۽ پاڻ ننڊ ۾ پيو آھي. جاڳائي پڇيائينس تہ گهوڙو ۽ ڪتو ڪيڏانهن ويا؟ جنھن تي ھن پيءَ جي ھٿ مان تلوار وٺندي ڀرسان کوھ ۾ اڇلائي چيو تہ اتي آھن. پيءُ چيس تہ نڀاڳا اھو ڪيئن؟ چيائين تہ گهوڙو پاڻي پيئندي کوھ ۾ ڪري پيو تہ ڪتي کي ڪم ڏنو اٿم تہ ان کي کوھ مان ڪڍي اچي. ائين ٻئي کوھ اندر آھن. پوڙھو ويچارو روئندو گهر وريو ۽ اچي وڏي پٽ کي اٿاريائين تہ ھن کي دوا لاءِ وٺي وڃي. تہ ننڍي پٽ چيس تہ بابا مان وڃان ادا سان؟ جنھن تي پوڙھي وراڻيو تہ خدا کي مڃ تون ھاڻي ڪجهہ بہ نہ ڪر. سو ھاڻي سنڌ حڪومت لاءِ بہ اھو مشورو آھي تہ مھرباني ڪري ھاڻي ڪجهہ نہ ڪري تہ بہ سنڌ تي احسان ٿيندو. باقي طاقت جو سرشتو مٽائڻ وارو بنڊ پيپلز پارٽيءَ جھڙي جاگيردارن جي جماعت جي کڻڻ کان ڳورو آھي.