سنڌ ۾ ارڙي کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ ۾ غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو

0
265

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ارڙي کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ ۾ غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو، صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته ٻارن کي ارڙي کان بچاءُ جا ٽڪا لڳائڻ ۾ غفلت ڪندڙن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن، اهڙن آفيسرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، صوبي ۾ تازو ڄايل ٻارن جي اسڪريننگ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، اسڪريننگ سان ٻارن ۾ معزوري بابت اڳواٽ ڄاڻ ملي سگهندي.