سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي پيهه برقرار، عورتن جون شڪايتون

0
223

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي بدستور پيهه برقرار، انتظاميا ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام: حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، مديجي، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ سينٽرز ٻاهران وڏي انگ ۾ عورتون پهتل، وظيفي مان ڪٽوتي جون به شڪايتون ڪيون ويون، اڪثر عورتن جو چوڻ هو ته هتي انتظام بهتر نه آهن، رلايو پيو وڃي، سفارشن تي عورتن کي پئسا ڏنا پيا وڃن.