حيدرآباد/ ٽنڊو الهيار/ عمر ڪوٽ/ڪوٽ غلام محمد(نمائندن وٽان) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گهڻو پاڻي آهي، ڀاشا ۽ تربيلا ۾ ڪيئن موڪليون؟ سرڪار جو صبر ختم ٿيو ته سڀني لاءِ ڏکيائون ٿينديون. سنڌ سرڪار ملڪ جا سمورا ٽينٽ خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏئي چڪي آهي، سنڌ کي روز 6-7 هزار کان وڌيڪ خيما نه ٿا ملن، سنڌ کي اڃا به 15 لک خيمن جِي ضرورت آهي.شهباز هال حيدرآباد ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسد محمود ۽ اين ايڇ اي جي اختيارين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ هاءِ ويز جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. حيدرآباد کان سکر موٽر وي  تي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو آهي. عمرڪوٽ، ڪيٽي بندر گهارو سميت مختلف چوراهن جي حوالي سان به غوري ويچار ٿيو. وڏي وزير چيو ته سيوهڻ، لاڙڪاڻي انڊس هائي وي  تي 8 کان 10 فٽ پاڻي موجود آهي. ٻوڏ رب پاڪ طرفان آزمائش آهي جتي به خيما دستياب هئا اهي وٺي متاثرين کي فراهم ڪيا آهن جڏهن ته اڃا کين 15 لک خيما گهربل آهن جڏهن ته خيمن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين کي راشن فراهم ڪرڻ لاءِ به سڀني سان رابطو ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته هن پاڻ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٽيون ڀيرو دورو ڪيو آهي. حيدرآباد کانپوءِ ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص ضلعن جا به دورا ڪندو. وڏي وزير چيو ته جيڪي ماڻهن کي ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ويا آهن انهن کان حساب بعد ۾ ڪيو ويندو پر هو روزانو جي بنياد تي ماڻهن وٽ وڃي رهيا آهن جنهن ڪري ماڻهو ساڻس شڪايتون پيا ڪن. حڪومت کان مطالبو ڪرڻ متاثرن جو حق آهي. هن چيو ته مولانا صاحب چئي ٿو ته سندس صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو آهي پر آئون چوان ٿو ته جيڪڏهن صبر ڇڏينداسين ته مشڪلاتون پيدا ٿينديون. وڏي وزير چيو ته سنڌ ڌرتي  تي 120 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي آيو آهي چون ٿا ته ڊيم ٺاهي وٺو ته پاڻي کي گهمائي وٺنداسين. مونکي اهو ٻڌائين ته پاڻي ڪهڙي طرح گهمائي سگهو ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪٿان به خيما ملن ٿا ته اهي اسين خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجن ماڻهن کي شيلٽر ڏيڻا آهن. راشن خريد ڪرڻو آهي، اسان ريٽ، معيار ۽ ٻئي فراهمي جي هر ماڻهو کي دعوت ڏيون. وڏي وزير چيو ته سنڌ تي تمام وڏي آزمائش آهي ۽ مان پاڻ پوري سنڌ جو دورو ڪري رهيو آهيان. اسين ماڻهن تائين پهچي رهيا آهيون. ميڊيا ٻڌائي رهيو آهي ته ماڻهو تڪليف ۾ آهن. ماڻهو واقعي به تڪليف ۾ آهن. آئون چوان ٿو ته ميڊيا ماڻهن جي تڪليف ضرور ڏيکاري. خاص طور تي بي گهر ماڻهن جون تڪليفون  ڏيکاري ته جيئن عوام کي احساس ٿئي ۽ وڌ کان وڌ متاثرن جي امداد لاءِ اڳيان اچن. هن چيو ته ميڊيا جا ماڻهو ضرور تنقيد ڪن پر اها زيادتي آهي ته ڪنهن هڪ جڳهه تي وڃي چون ته هتي ڪو به نه پهتو. ماڻهن کي جيڪا هن وقت تڪليف آهي اها جائز آهي جيڪي ماڻهو ڊيم جي ڳالهه ڪري رهيا آهن انهن کي ٻڌايان ٿو ته 120 ملين ايڪڙ پاڻي آيو ڇا سنڌ ۾ ايترو وڏو ڊيم ٺاهڻ جي جڳهه آهي. ٻڌايو وڃي ته سنڌ مان پاڻي تربيلا ۽ ڀاشا ڊيمن تائين ڪيئن پهچايون. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڊويزنل سيڪريٽريٽ ۾ موٽروي سميت مک روڊن جي تعمير بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، آبپاشي کاتي جو وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو، وفاقي وزير مواصلات مولانا اسد محمود، صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ضياءُ عباس شاهه رضوي، سنڌ جي وڏي وزير جي انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر، خاص معاون صغير قريشي سميت لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر- حيدرآباد موٽر وي (ايم 6) جي تعمير تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وڏي وزير چيو ته سکر- حيدرآباد موٽر وي وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ شامل آهي. وفاقي وزير اسد محمود چيو ته ڄاڻايل روڊ بي او ٽي ذريعي ٺاهيو پيو وڃي جنهن جي تعمير تي 1.37 ٽريلين رپيا خرچ ايندو. وڏي وزير چيو ته ايم 6 وڏو اهم روڊ آهي جنهن کي سي پيڪ منصوبي ۾ نظرانداز ڪيو ويو. اسان چاهيون ٿا ته هن روڊ تي ڪم جلد شروع ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل منصوبو هلندڙ اسڪيم آهي. وڏي وزير اجلاس دوران چيو ته وفاقي پي ايس ڊي پي وٽ درياءِ سنڌ ۾ پل ٺٽي بندر ۾ 190 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير واريون اسڪيمون به شامل آهن. چاهيون ٿا ته انهن اسڪيمن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. وفاقي وزير اسد محمود اجلاس دوران وڏي وزير کي سمورين ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم جو يقين ڏياريو. وڏي وزير چيو ته وفاقي پي ايس ڊي ۾ سنڌ جون نيون اسڪيمون به شامل آهن جنهن ۾ سکر ملتان (ايم. 5) تي ميرپورماٿيلو انٽر چينج جي تعمير ۽ ان کي قومي شاهراهه سان ملائڻوآهي. شهدادڪوٽ باءِ پاس جي تعمير عمرڪوٽ انٽرچينج، سکر- روهڙي پل ۽ لياري ايلويٽڊ فرائٽ ڪوريڊور شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ اين ايڇ اي جون پي ايس ڊي پي ۾ شامل اسڪيمون ترجيح هيٺ آهن. اجلاس دوران چيئرمين اين ايڇ اي سکر- حيدرآباد موٽر وي جي تعمير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اصل ۾ پشاور کان سکر تائين موٽر وي جي تعمير جو منصوبو هو. سکر- حيدرآباد موٽروي روڊ 306 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. چيئرمين بريفنگ دوران اهو به چيو ته مسلم ليگ ن جي گذريل حڪومت منصوبي تي ڳالهائي وڏي رعايت گهري هئي. ان کانپوءِ حڪومت تبديل ٿي وئي پر منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ڄاڻايل منصوبو هاڻي اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿيندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيوته سکر-حيدرآباد موٽروي کي ڇڏي باقي سمورا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل شاهراهه جامشورو، حيدرآباد، مٽياري، شهيد بينظيرآباد، نوشهروفيروز ۽ سکر سميت 6 ضلعن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. سنڌ جي عوام کي سکر موٽر وي نه هجڻ سبب مشڪلاتون پيش پيون اچن جنهن ڪري هن وزيراعظم کي خط ۾ به لکيا ۽ ذاتي طور تي درخواست به ڪئي هئي. هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته هي 300 ارب رپين جو منصوبو آهي پر ان کي بي او ٽي جو بنياد بڻايو ويو آهي. اين ايڇ اي، پي پي پي لاهور ۽ اسلام آباد روڊ جو منصوبو بحال پيو ڪري. سنڌ حڪومت ملير ايڪسپريس وي 30 ارب رپين جو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي مڪمل ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته سندن پ پ حڪومت تحت ملڪ ۾ 12 سالن جو تجربو آهي جنهن تي وفاقي وزير اسد محمود چيو ته هو پ پ جي موڊ تحت حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ اين ايڇ اي جا منصوبا مڪمل ڪندا. وفاقي وزير موجب ته 14 هزار ڪلوميٽر منصوبو پشاور کان سکر تائين وفاقي حڪومت سي پيڪ تحت ٺاهيو. 306 ڪلوميٽر سکر-  حيدرآباد منصوبو پ پ موڊ تحت مڪمل ڪيو پيو وڃي. وزيراعليٰ چيو ته آئون چاهيان ٿو ته هن منصوبي کي 6 مهينن دوران فنڪشنل ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته هن 2018ع کان 2022ع تائين جامشورو روڊ جي تعمير لاءِ وزيراعظم کي 6 خط لکيا هئا جڏهن ته لکيل خطن ۾ هڪ خط اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چار خط اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ آخري خط هن موجوده وزيراعظم شهباز شريف کي لکيو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته 2018ع ۾ هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڄاڻايل روڊ تي ڪجهه سالن دوران 225 حادثن بابت به آگاهي ڏني هئي ۽ کيس اهو به ٻڌايو هو ته حادثن ۾ 196 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ 225 ماڻهو زخمي ٿيا. ڄاڻايل روڊ اين ايڇ اي جو آهي. ان روڊ جي تعمير تي وفاقي حڪومت تڏهن راضي ٿي جڏهن سنڌ حڪومت کين 2017ع ۾ ساڍا 7 ارب رپيا ادا ڪيا هئا. وڏي وزير موجب ڄاڻايل روڊ جو سنگ بنياد 12 ڊسمبر 2017ع تي رکيو ويو جنهن ۾ هو پاڻ به شريڪ ٿيو. روڊ تي حاثا ٿي رهيا آهن جنهن ڪري ماڻھن جون جانيون به ضايع ٿين ٿيون پر روڊ اڃا تائين تعمير ناهي ٿي سگهيو ان لاءِ هن آخري خط وزيراعظم شهباز شريف کي 20 اپريل 2022ع تي لکيو ته هاڻي روڊ جي تعمير مڪمل ڪرائي وڃي جنهن بعد وزيراعظم مهرباني ڪئي آهي ۽ هن اين ايڇ اي کي پڻ هدايتون ڏنيون آهن ته روڊ مڪمل ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪلواري هائوس تي پ پ ايم پي اي حاجي نور احمد ڀرڳڙي سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي بعد صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسان کي ٻاهرين ملڪ مان 9 کان 10هزار روپيا في مڻ ڪڻڪ پئجي رهي آھي، اسان وٽ اڳيان هلي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي، جنهن ڪري اسان ڪڻڪ جو اگھه 4 هزار روپيا في مڻ ڪري پنهنجي هاري آبادگار طبقي کي رليف ڏنو آھي، هن چيو ته زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻڻ وارو مسئلو ٽيڪنيڪل آھي، جنهن جو فيصلو آبپاشي جو چيف انجنيئر، ڊائريڪٽر ۽ کاتي جا ٻيا آفيسر ڪندا، هن چيو ته هن وقت تائين ضلعي ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ 31 هزار راشن جا ڪٽا ڊي سي ميرپورخاص کي ڏنا آھن، جيڪي ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايا ويا آهن، هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي ٻوڏ آئي آھي، جنهن سان صوبي کي تمام وڏو نقصان رسيو آھي. بعد ۾ وڏو وزير ٽنڊوالهيار  پهتو جتي ٽينٽ سٽي ۾ موجود برسات متاثرن کان وڏي وزير احوال ورتا، ان موقعي تي برسات متاثرن سنڌ جي وڏي وزير سامهون کاڌو خوراڪ بي وقت ۽ غير معياري ملڻ جي شڪايتن سان گڏ صحت جون سهولتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون جنهن جو نوٽس وٺندي سنڌ جي وڏي وزير ڊي سي ٽنڊوالهيار کي فوري طور تي برسات متاثرن کي وڌ کان وڌ راشن کاڌو خوراڪ وقت تي ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد ٽنڊوالهيار جي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ٽنڊوالهيار ضلعي جي برسات متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏبو هن وڌيڪ چيوته تقريبن 11 سو ملي ميٽر برسات سموري سنڌ ۾ پئي آهي جنهن جو نچوڙ ڪڍجي ته 130 ملين ايڪڙ پاڻي سنڌ ۾ پهتو آهي جنهن جو اندازو ايهي لائيجي ته 20 تربيلا ڊيم جيترو پاڻي سنڌ جي سرزمين تي پهتو آهي جنهن جي ڪري سنڌ جي عوام کي تڪليف آئي آهي ھاڻ اسين انهي ڪوشش۾ آهيون ته برسات جو پاڻي زرعي زمينن مان ڪڍرائي زرعي زمين کي ڪڻڪ جي فصل لا۽ تيار ڪريون ۽ ٻوڏ متاثر پهنجن ڳوٺن ۾ واپس وڃي سگهن  هن چيو ته آئون ۽ منهنجي ٽيم ۾ شامل صوبائي وزير ۽ ايم پي ايز 24 ڪلاڪ برسات متاثرن جي مدد لا۽ ڪوششون ڪري رهيا آهن تمام جلد سموري سنڌ مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪري برسات متاثرن جي اڃان وڌيڪ مالي مدد انهن جي گهرن تائين پهچائي ويندي، ان کان اڳ عمرڪوٽ ۾ ڇاڇرو روڊ تي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه جي سھڪار سان قائم ٿيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري متاثرن کان حال احوال ورتا، ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ تمام گھڻو پاڻي بيٺل آھي، هن چيو ته سنڌ ۾ آبادگارن جي ڪيل 08 مھينن جي ڪمائي لُڙھي ختم ٿي وئي آھي، مرچ ڦٽي سميت سڀ فصل لڙھي ويا آهن، ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن، ھن چيو ته سنڌ ۾ 11 سئو ملي ميٽر برسات پئي آھي، پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، اسان جي ڪوشش آهي ته 75 سيڪڙو پاڻي آڪٽوبر کان اڳ ۾ نيڪال ڪرايون، وڏي وزير چيو ته آبادگارن کي پيڪيج ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهائينداسين، ٻوڏ متاثرن کي رجسٽر ڪري راشن ۽ ٻيون بنيادي شيون فراهم ڪيون وينديون،