ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ٿيل ڊجيٽل آدمشماري ۾ کدڙن جي 35 سيڪڙو گهٽ آبادي ظاهر، کدڙن فقيرن پاران پاڻ ڳڻپ شروع ڪرڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ هلندڙ سال دوران ٿيل ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن ۾ کدڙن فقيرن جي آبادي بابت اهم انڪشاف ٿيا آهن، پرڳڻي ۾ کدڙن فقيرن جو انگ رڳو 3 هزار 871 ظاهر ٿيو آهي.  جڏهن ته 2017ع جي آدمشماري ۾ اهو انگ 5 هزار 954 هو يعني 2083 انگ گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ 6 سالن دوران 66 کدڙن فقيرن جو انگ وڌيو آهي، سنڌ جي باقي 23 ضلعن ۾ کدڙن فقيرن جو انگ گهٽجي ويو آهي، نئين آدمشماري ۾ ڪراچي ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 2289 رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جيڪو 2017ع جي آدمشماري ۾ 2223  هو،  جڏهن  ته حيدرآباد ڊويزن ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 1277 مان گهٽجي 570، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 849 مان 310،  سکر ڊويزن ۾ 433 مان 280، شهيد بينظير آباد ۾ 635 مان 284 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 517 مان 138 رهجي ويو آهي، ٻئي طرف کدڙن فقيرن جي تنظيم ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض ڪندي پنهنجي طور تي کدڙن فقيرن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ کدڙن فقيرن جي اڳواڻ شهزادي راءِ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته آدمشماري جي عملي  گهٽ انگ اکر ڏيکاريا آهن، هن چيو ته اسان وٽ رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 19 هزار کدڙا رجسٽرڊ ٿيل آهن، افسوس جي ڳالهه آهي ته سڄي  سنڌ اندر کدڙن جو انگ رڳو 3 هزار جي لڳ ڀڳ ڏيکاريو ويو آهي، اسان ضلعي ٽيمون ٺاهي کدڙن فقيرن جي پاڻ ڳڻپ ڪري رهيا آهيون، ڊسمبر تائين اها ڳڻپ مڪمل ٿيندي