ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير  سيد  مراد علي شاھه صوبي ۾ اٽي، مرغي، گيهه، بصر سيمت  کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ هٿرادو واڌ جو نوٽيس، چيف سيڪريٽري کي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرائڻ جي هدايت، چيف سيڪريٽري پاران اٽو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي روزانو جي بنياد تي ڪارروايون ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت سان رابطو ڪري کيس هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ ٿيل هٿرادو واڌ واري معاملي تي ضابطو آندو وڃي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪمشنرن ۽ ضلعي انتظاميا کي فوري حرڪت ۾ آڻي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. وڏي وزير جي اهڙين هدايتن کانپوءِ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت هنگامي اجلاس ڪوٺائي پرڳڻي جي 30 ضلعن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته  سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ 33 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي، ڊي سي ۽ اي سي حڪومت پاران قائم ڪيل سستي اٽي جي اسٽالن جو معائنو ڪري عوام کي سستو اٽي جي فراهمي يقيني بڻائين،  هن خوراڪ کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته سستي اٽي واري اسٽالن جي سڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، ان حوالي سان پوليس ۽ رينجرز سيڪيورٽي فراهم ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اٽي جي ذخيرا اندوزي ڪندڙ ملز مالڪن خلاف سڄي صوبي ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته حڪومت طرفان جاري ڪيل ڪڻڪ جي 100 سيڪڙو گريڊنگ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ پرائيس ڪنٽرول مئجسٽريٽ جو تعداد وڌايو ويندو، اجلاس ۾ خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا چيو ته سڄي صوبي ۾ سستي اٽي جا اسٽال وڌايا ويا آهن، رڳو ڪراچي شهر ۾ 27 بدران 64 اسٽال قائم ڪيا ويا آهن  اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت پاران خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته مل مالڪن سان ويهي صوبي ۾ سستي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.