ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي هڪ ميٽروپوليٽن، 5 ميونسپل ڪارپوريشنز، 22 ضلعي ڪائونسلز سميت ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين توڙي يونين ڪائونسلز جي 10 هزار کان وڌيڪ چيئرمينن، وائيس چيئرمينن، ضلعي ڪائونسلرز توڙي جنرل ڪائونسلرز پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، پهرئين مرحلي جي اميدوارن کي 11 ۽ ٻئي مرحلي جي اميدوارن کي 5 مهينن بعد قسم کڻايو ويو، مليل معلومات موجب سنڌ جي چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن ڪالهه حلف کنيو. ڪراچي جي 246 مان 238 يونين ڪاميٽين جي چيئرمينن، وائيس چيئيرمينن ۽ وارڊز جي ميمبرن حلف کنيو. سينٽرل ضلعي جي نمائندن ڪالهه ڪامپريهنسو اسڪول، انجمن اسلاميه هاءِ اسڪول لياقت آباد، ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج  ناظم آباد ۾ قسم کنيو، جڏهن ته سائوٿ ضلعي جي لياري ۽ صدر ٽائونن جي نمائندن شهيد عبدالستار عيساڻي هال ۾ حلف کنيو،ڪورنگي جي نمائندن گورنمينٽ وومين ڪاليج اڍائي نمبر ڪورنگي ۾ قسم کڻي ورتو، ڪياماڙي جي نمائندن حب روڊ تي هڪ شادي هال ۾ قسم کنيو، اهڙي ريت اوڀر ضلعي جي نمائندن ضلعي ڪائونسل هال ۾ قسم کنيو، جتي جماعت اسلامي ۽ پ پ جي ڪارڪن نعريبازي پڻ ڪئي، ٻئي طرف ملير ضلعي3 ٽائونن گڏاپ، ابراهيم حيدري ۽ ملير جي 30 يونين ڪاميٽين جي 30 چيئرمين جوڙن ۽ 120 ڪائونسلرن کان بن قاسم،ابراهيم حيدري ۽ مراد ميمڻ جي رٽرننگ آفيسرن قسم کڻايو،  واضح رهي ته ڪراچي جي 6 يوسيز جا نتيجا عدالتي حڪم تي رڪيل آهن، جڏهن ته 2 يوسيز تي  پي ٽي آءِ  جا چيئرمين  گرفتارين سبب حلف کڻي نه سگهيا   حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يوسيز تي چونڊيل 955 ميمبرن مان 929 ميمبرن پنهنجن عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي جڏهن ته 26 ڄڻا حلف کڻڻ لاءِ نه پهتا. چئني تعلقن ۾ حلف برداري لاءِ ڌار ڌار تقريبون رکيون ويون جتي 160 مان 159 يوسيز جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ 640 وارڊن مان 637 وارڊن تي چونڊيل ڪائونسلرن کان حلف کڻايو ويو، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ مڪاني کاتي جي ڪاميابي ماڻيندڙ 196 چونڊيل نمائندن کان حلف ورتو ويو، ٽنڊوالهيار ضلعي جي 235 مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن قسم کڻي ورتو، سجاول ضلعي ۾ مڪاني ادارن جي 250 ڪامياب نمائندن کي حلف کڻايو ويو، دادو ۾ مڪاني ادارن جي چونڊيل 157 نمائندن کان حلف کڻايو ويو، مٽياري ۾ مڪاني ادارن جي 257 مان 256 نمائندن حلف کڻي ورتو، ٿرپارڪر ضلعي جي 64 يوسيز جي ضلعي ۽ جنرل ڪائونسلرن، چيئرمينن، نائب چيئرمينن ، هڪ ميونسپل ڪاميٽي مٺي ۽ 6 ٽائون ڪاميٽين جي چونڊيل نمائندن پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو، لاڙڪاڻي ضلعي جي 400 کان وڌيڪ چونڊيل مڪاني ادارن جي ميمبرن حلف کڻي ورتو، 46 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرن، 46 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ 184 ڪائونسلرن کي حلف کڻايو ويو، جيڪب آباد جي چونڊيل 157 مڪاني ادارن جي ميمبرن کي حلف کڻايو ويو، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي 438 چونڊيل ميمبرن حلف کنيو، جن ۾ 52 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر ۽ 28 ڪائونسلر ۽ ٻيا شامل آهن، ڪشمور ۾ 127 ميمبرن حلف کنيو، تقريب ۾ بجلي بند ٿي وئي، شڪارپور ضلعي جي 117چيئرمينز ۽ ميمبرن حلف کڻي ورتو، جن کي رٽرننگ آفيسرز حلف کڻايو، ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جي 53 ڪائونسلرن، ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ 88 ڪائونسلرن،53 يونين ڪائونسل جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سميت ضلعي جي 7 ٽائون ڪاميٽين جي ڪائونسلرن حلف کنيو، نوشهروفيروز ضلعي جي 68 يونين ڪائونسلن، 9 ٽائون ڪاميٽين، 2 ميونسپل ڪاميٽين ۽ ھڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل تي چونڊيل 597 نمائندن حلف کڻي ورتو، عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ڪاميٽي، 7 ٽائون ڪاميٽين ۽ 42 يونين ڪائونسلن جي چونڊيل ڪائونسلرن ميمبرن ۽ چيئرمينن توڙي وائيس چيئرمينن حلف کڻي ورتو، شھيد بينظير آباد ۾60 يونين ڪائونسلن ۽ 8 ٽائونز جي چونڊيل نمائندن قسم کڻي ورتو، ضلعيڪائونسل  جي 56، يونين ڪائونسل 20 کان 24 جي 24 چئيرمين، وائيس چئيرمين ۽ 92 جنرل ميمبرن  حلف کنيو، سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل 632 نمائندن حلف کڻي ورتو، ڪامياب ضلعي ڪائونسل ميمبرن ۾ 51 پ پ 21 فنڪشنل ليگ ۽ هڪ آزاد ميمبر  شامل آهن.