ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ مليريا ۾ واڌ:  10 ڏينهن ۾ مليريا جا 10 هزار ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف، ان حوالي سان صحت کاتي مليريا بابت انگ اکر جاري ڪري ڄاڻايو آهي ته هلندڙ سال جي شروعاتي 10 ڏينهن ۾ مليريا جا 10 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته 10 ڏينهن ۾ 50 هزار 46 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ مليريا جي پازيٽو رپورٽ آئي، سڀ کان وڌيڪ ڪيس عمرڪوٽ ۾ 2920 ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ وري 28 شهرين ۾ مليريا پازيٽو آئي آهي. اختيارين موجب ته گذريل سال 4 لک کان وڌيڪ شهري  مليريا وگهي متاثر ٿيا، جڏهن ته 24  شهرين حياتيون وڃايون.