ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات، گهرن جو ڇتيون اڏمي ويون، بجلي جو نظام درهم برهم، واقعن ۽ حادثن ۾ 2 ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا فوت،  3 زخمي، خبر موجب ڪراچي ۾ برسات دوران 2 ٻارڙن سوڌو 4 شهري فوت ٿي ويا، شام ڌاري شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، ملير، گلستان جوهر، گلشن اقبال، ڪالا بورڊ، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، صدر، زينب مارڪيٽ، ٽاور ۽  ٻين علائقن ۾ طوفائي هوائن سان گڏ ڪٿي بوندا باندي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي، رات دير تائين  مختلف علائقا اونداهي ۾ ٻڏل رهيا، برسات دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ واقعن ۽ حادثن ۾ 2 ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ھڪ نينگر زخمي ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن موجب چنيسر ڳوٺ، موسميات جي گلشن اريشه، گلستان جوهر چشتي نگر ۾ ديوارون ڪرڻ سبب ٽن ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ نينگر زخمي ٿي پيو، ميرپورخاص ۾ به برسات بجلي غائب گرمي جو زور ٽٽي ويو، صدر جي ڀٽيون ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي گهر پٽ پئجي ويا، ڳوٺ ملڻ ناريجو ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ڳوهاري عورت ٻن ٻارن جي ماءُ 24 سالن جي عابده ناريجو دٻجي وئي، جنهن کي وارث اسپتال کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽر عورت جي فوتگيءَ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته عورت جا 2ٻار پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد ڏني وئي، ٻئي پاسي ڳوٺ جهان خان لغاري ۾ پوهيت نور محمد  لغاري جو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو، بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي وارن شهرن ڀڳڙا ميمڻ، سيراڻي، دودو سومرو، شيخاڻي گهاڙي، بخشيو ديرو، لاکو پير، شيخ ڪرهيو ڀانڍاري ۽ گڙهو ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوا سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو ٿيو، سيراڻي ۾ طوفاني هوا سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو ٿيو، بدين جي انتظاميا عملي جو موڪلون بند ڪري ڇڏيون آهن، ميرپوربٺورو ۾ وڏ ڦڙي سان برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ھزارين ايڪڙن تي  پوکيل ٻيجاري کي سخت  نقصان رسڻ جو خدشو آهي، تيز طوفان سبب ڪيترائي بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا، جهڏو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو، کاھي ۾ تيز ھوا سان برسات پئي، بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو، جاتي شهر سميت ڀر پاسي  تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو پهريون وسڪارو ٿيڻ بعد شديد گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته بجلي غائب ٿي وئي، خانپور مھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زرودار برسات پوڻ سبب گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، جڏهن ته گٽر پڻ اٿلي پيا، نئون دمبالو ۾ برسات سبب موسم خوشگوارٿي وئي، جڏهن ته تيز هوا سبب  10کان مٿي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا، غلام شاهه موري ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، ٻيلو شھر ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، چوھڙ جمالي ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، سجاول ۾ سانوڻي جي پهرين وسڪاري موسم خوشگوار بنائي ڇڏي، پنگريو ۽ آسپاس گجگوڙ سان  برسات ٿي، گولاڙچي  ۾ تيز ھواسان گڏ برسات پئي، ملڪاڻي شريف ۽ سمن آباد ۾ برسات جو وسڪاروٿيو، ٽنڊو محمد خان ۾ بيٺل برساتي پاڻي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب مينهن مري وئي.