ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ڪابينا تعليم کاتي اندر شفاف ٽرانسفر پاليسي منظور ڪئي آهي، ماضيءَ ۾ استادن جون بدليون سندن خواهش موجب ٿينديون هيون پر هاڻ اسڪولن ۾ ضرورت تحت ٿينديون، ان لاءِ مختلف ڪيٽيگريز ٺاهيون ويون، هڪ ڪيٽيگري اها آهي جتي ضرورت کان وڌيڪ استاد آهن، اتي پابندي هڻي ڇڏي آهي ته وڌيڪ مقرري نٿي ٿي سگهي، جن اسڪولن ۾ استاد گهٽ آهن اتي سڄو سال بدليون ٿي سگهن ٿيون، پر ڪجهه مخصوص ڪيسن ۾ ڇوٽ هوندي جهڙوڪ ڪنهن عورت ٽيچر جو مرس فوت ٿي وڃي، طلاق ٿي وڃي يا موذي بيماري هجي ته انهن جون بدليون ٿي سگهن ٿيون. ڀرتين واري پاليسي جي به منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تحت 37 هزار استادن جون ڀرتيون ڪرڻيون آهن ان لاءِ آءِ بي اي سکر سان معاهدو ڪيو آهي، جن درخواتون گهرايون آهن پر ڪورونا سبب لکت واري امتحان ۾ دير ٿي آهي، جيڪا جلد مڪمل ٿيندي. اڳ پرائمري استاد جو گريڊ 9 هوندو هو ۽ تعليمي معيار انٽرميڊيٽ جنهن کي وڌائي 14هون گريڊ ۽ تعليمي معيار گريجويشن ڪيو ويو آهي، ٻيو اهم فيصلو اهو ڪيو ويو ته جيڪو پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيندو اهو پرائمري استاد ئي رهندو، هن جو پروموشن ٿيندو پر رهندو ان ئي ڪيڊر ۾ ، اڳ وانگر پرائمري استاد هاڻ جي ايس ٽي يا ايڇ ايس ٽي نه ٿي سگهندو.