ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي )سنڌ اسيمبلي  مڪاني قانون ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪالهه سنڌ حڪومت پاران مڪاني قانون ۾ ترميم جو بِل پيش ڪيو ويو، جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، اجلاس دوران منظور ڪيل مڪاني ادارن واري ترميمي بِل موجب سنڌ ۾ مڪاني ادارن ۾ ميئرن، ڊپٽي ميئرن، چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي عهدن تي ڪو به اڻ چونڊيل ماڻهو به چونڊجي سگھندو، لاڳاپيل ادارو( ڪائونسل)  ڪنهن به اڻ چونڊيل کي چونڊڻ جو اختيار رکندو،  ميئر يا چيئرمين چونڊجڻ جي 6 مهينن دوران کيس اداري جو ميمبر  ٿيڻ لاءِ لازمي چونڊ وڙهڻي پوندي، ايوان اهڙو بِل منظور ڪري ورتو. ترميمي بِل تي ڳالهائيندي صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته قانون ۾ وڏو وزير، صوبائي توڙي وفاقي وزير به 6 مهينن  تائين بنا چوندجڻ جي وزير رهي سگهن ٿا، 6 مهينن ۾ کين اليڪشن وڙهي ڪامياب ٿيڻ لازمي هوندواهي.  هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ احتجاج جي آڙ ۾ ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ۽ پرتشدد واقعن بابت مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته احتجاج جي نالي تي رياستي ادارن جي آفيسن حملا ڪيا ويا، ميانوالي ۾ ايئربيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، هندستان سان ڪيل جنگ جي نشاني جنگي جهاز کي ساڙيو ويو. سياسي ماڻهو گرفتاري دوران فائرنگ ناهن ڪندا پر عمران خان جي گرفتاري تي اهو ڪم ڪيو ويو، عمران خان کي ملڪ تباهه ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل آهي، هن چيو ته عمران خان گذريل ٽن ڏينهن کان اهي ڪم ڪرايا آهن جيڪي دهشتگرد تنظيمون ڪنديون آيون آهن. ملڪ اسد سڪندر ڄاڻايل ٺهراءُ تي خطاب ڪندي چيو ته لاهور۾ رياستي ادارن جي آفيسرن جي گهرن تي حملا ڪيا ويا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي پر پيپلز پارٽي پرامن احتجاج جو رستو اختيار ڪيو، شھيد بي نظير ڀٽو زنده هجي ها ته ملڪ جي اهڙي حالت نه هجي ها، هن چيو ته  مڙس ماڻهو ٿيڻو آهي ته آصف علي زرداري ٿيو ۽ 14سال جيل ۾ گذاري ڏيکاريو، هيلمٽ پائي عدالت اچڻ بزدل جي نشاني آهي. متحده ايم پي اي رعنا انصار چيو ته نائين زيرو تي سڀني کي ڪڪڙ ٺاهيو ويو، اسان ته عدالتن ۾ ڪيس کي منهن ڏنو، آصف علي زرداري 14 سال قيد ڪاٽيو،  فريال ٽالپر کي عيد جي رات جيل منتقل ڪيو ويو ڇا اها زيادتي نه هئي؟ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ گهرجي.