ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير صوبائي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن مان 2 لک 50 هزار متاثر گهرن جي ڊيٽا اچي چڪي آهي، تعلقي سطح تي اسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهي  ۾ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جنهن ۾ پاڪستان آرمي ۽ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪوئي حقدار رهجي نه وڃي، گهرن جي تعمير لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ڪمپني قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته جزوي متاثر گهرن جي تعمير لاءِ رقم ڏني وڃي. جڏهن ته مڪمل ڊٺل گهرن جي اڏاوت پيپلز هائوسنگ ڪمپني ڪندي، گهرن جي اڏوت ۾ اين جي اوزکي شامل ڪريو پيا   تعلقي سطح تي ڪاميٽيون  اڏاوت جي مانيٽرنگ ڪنديون. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ 30 آڪٽوبر جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، 30 سيڪڙو علائقن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ ڪري وڌيڪ وقت به لڳي سگهي ٿو.  سنڌ حڪومت هارين کي ٻج جي فراهمي لاءِ 7 ارب رپيا مختص ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ دوران 785 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن جي وارثن کي في ماڻهو 10، 10 لک روپيا امداد ڏني پئي وڃي. هن وقت تائين ت 18 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ راشن بيگس ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثرن ۾ 70 ارب روپيا ورهايا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي هر وقت چونڊ لاءِ تيار آهي، ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ وڏي جماعت ٿي اڀرندي،

ڪراچي: سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي سروي ۾ درستگي ڪرائڻ توڙي شڪايتن جي ازالي لاءِ 23 ضلعن ۾ تعلقي سطح تي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڪاميٽيون قائم ڪيون آهن، ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري پاران صوبي ۾ برسات سبب متاثر ٿيندڙ خاندانن ۽ گھرن جي سروي لاءِ ضلعن بعد تعلقن سطح تي به اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهي هيٺ ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، تعلقي سطح تي ٺهيل ڪاميٽين وٽ ضلعي سروي ڪاميٽين جي ڪيل سروي ۾ شهري ڪا تبديلي ۽ درستگي ڪرائي سگھندا. واضح رهي ته نقصانن جي سروي لاءِ سمورن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڪاميٽيون قائم ٿيل آهن،