اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي خط  لکي سنڌ ۾ ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ 24 جولاءِ تي بلدياتي چونڊن،  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 ڪراچي، پنجاب اسيمبلي جي 20 تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊ، پي ڪي 7 سوات تي ٿيندڙ ضمني چونڊ لاءِ فوج جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب خط ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۽ لاهور جي ضمني چونڊن ۾ بدامني ۽ پرتشدد واقعا ٿيا آهن، اين اي 245 جنهن تي 27 جولاءِ تي ضمني چونڊ ٿيڻي آهي، پي ڪي 7 سوات ۾ 26 جون تي، پنجاب اسيمبلي جي 20 تڪن تي 17 جولاءِ تي ضمني چونڊون رٿيل آهن، ان لاءِ سيڪيورٽي لاءِ فوج جون خدمتون گهرجن، سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جنهن جي چونڊ 24 جولاءِ تي ٿيندي ان لاءِ به پاڪ فوج کان سيڪيورٽي طور مدد طلب ڪئي وئي آهي.