سنڌ ۽ پنجاب ۾ شديد ڪوهيڙو، ٽرينن جو شيڊول سخت متاثر

0
205
سنڌ ۽ پنجاب ۾ شديد

ڪراچي(م ڊ) پنجاب ۽ سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ٽرينن جو شيڊول سخت متاثر ٿيو آهي، ريلوي ترجمان موجب ڪوهيڙي سبب مسافر ٽرينون 2 کان 8 ڪلاڪ دير سان هلي رهيون آهن

ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان ايندڙ بزنس ايڪسپريس 8 ڪلاڪ، پاڪستان ايڪسپريس 6 ڪلاڪ، عوام ايڪسپريس ۽ ڪراچي ايڪسپريس 5 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن

ترجمان موجب بابا ايڪسپريس ۽ علامه اقبال ايڪسپريس 4 ڪلاڪ، قراقرم ايڪسپريس، جعفر ايڪسپريس ۽ شاهه حسين ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير سان روانيون ٿيون

ان کان علاوه ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ۽ ملت ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير جون شڪار آهن