اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي ٻن صوبن سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا هٿ آيا آهن. او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار  جي ڪوششن ۾ آهي، ڪمپني جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب صوبي ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت جي حوالي سان ڪاميابيون مليون آهن. ٽنڊي الهيار نم بلاڪ ۾  مان روز 1400 بيرل تيل، جڏهن ته 5.02 ملين مڪعب ڪيوبڪ فٽ  (MMSCFD)   جا ذخيرا هٿ آيا. او جي ڊي سي ايل کي ڪلچاس بلاڪ پنجاب صوبي ۾ 1.24 ملين مڪعب ڪيوبڪ فوٽ روز گئس جو ذخيرو هٿ ٿيو.