ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي، پاڻي  نيڪال ڪرڻ سميت اھم معاملن جي حوالي سان سنڌ ۽ وفاقي حڪومت پاران گڏجي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ڪالھه  وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ  ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ھڪ  اعليٰ سطحي اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلا ڪيا ويا ته ٽاسڪ فورس امدادي سامان جي خريداري، ورڇ  توڙي تباهه ٿيل روڊن سميت اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ميڪنزم جوڙيندي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد شاهه، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال،اين ڊي ايم اي چيف ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) اختر نواز، نيشنل فلڊ ريسپانس سينٽر جو ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر، ڪور-5 جي برگيڊيئر زيل حسنين، انجنيئرنگ ڪور جي برگيڊيئر نيئر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 3 ڀيرا سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري چڪو آهي،عوام کي 10 لک خيما، 30 لک مڇردانيون ۽ راشن بيگ جلد فراهم ڪيا ويندا. هن  چيو ته ٽريفڪ جي بحالي لاءِ نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جي مرمت ڪرائي وڃي، هن اين ڊي ايم اي کان مطالبو ڪيو ته امدادي سامان ۾ ڍورن لاءِ گاهه کي به شامل ڪيو وڃي،  اجلاس کي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير چيو ته متاثرن ۾ 155059 خيما، 165187 ترپال ۽ 13 لک مڇردانيون ورهايون ويون آهي. وڏي وزير راشن جي ٿيلهن بابت چيو ته هن وقت تائين 152745 بيگز موجود آهن رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اين ڊي ايم اي پاران امدادي سامان جي خريداري جو عمل هلندڙ آهي، سنڌ حڪومت کي گهربل سامان فراهم ڪيو ويندو. چ ڪور 5 جي برگيڊيئر اجلاس کي ٻڌايو ته برسات متاثرن جي مدد لاءِ 3641 فوجي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. انجنيئرنگ ڪور جي برگيڊيئر نيئر اجلاس کي ٻڌايو ته 15 سيپٽمبر کانپوءِ برسات جو امڪان آهي. جنهن سان ايل بي او ڊي متاثر ٿي سگهي ٿي. ايندڙ 6 ڏينهن ۾ صوبي جا سمورا بئراج نارمل وهڪري تي اچي ويندا. اجلاس ۾ چيو ويو ته منڇر جي سطح RL 122.3 تي آهي. اجلاس ۾ دادو ۽ سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ آر بي او ڊي ۽ انڊس لنڪ بند کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ دادو مورو پل تي روڊ ۽ لوڊ مينيجمينٽ جو ڪم ڪيو ويندو. پنگريو  جي چوڌاري ڪئنالن ۽ ايل بي او ڊي جي بندن کي مضبوط ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.  وڏي وزير آبپاشي ماهرن ۽ انجنيئرنگ ڪور جي صلاح سان ڍورو پراڻ جي پاڻي جي فراهمي کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ واڌو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خيرپور مان پاڻي جي نيڪالي شروع ٿي چڪي آهي،  اجلاس ۾ ضلعي انتظاميا، آبپاشي، زراعت، لوڪل گورنمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته ڳوٺن، شهرن ۽ زرعي زمينن مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ضروري انتظام ڪن ته جيئن ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي شروع ڪري سگهن. وڏي وزير چيو ته مون وٽ ربيع جي مند ۾ دير سان ڪڻڪ پوکڻ لاءِ زمين تيار ڪرڻ جو منصوبو آهي.