سنڌ ڪابينا: 2 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري

0
623

سنڌ ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن اسٽرڪچر جائزي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، تعليم، محنت، صحت ۽ مڪاني کاتي جي وزير تي ٻڌل ڪميٽي جائزي بعد سفارشون پيش ڪندي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس دوران ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ قائم ڪرڻ لاءِ 2 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي

اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٺٽي جي هڪ معذور نوجوان استادن جي ڀرتي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 55 سيڪڙو مارڪس کنيون، نوجوان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگهه کان محروم آهي، کيس تعليم کاتي ۾ ڀرتي نٿو ڪري سگهجي

وڏي وزير هدايت ڪئي ته نوجوان کي نان ٽيچنگ سائيڊ تي فوري ڀرتي ڪيو وڃي، باصلاحيت نوجوانن جي رستا روڪ ٿيڻ نه ڏني ويندي

ٺٽي جي معذور نوجوان کي نان ٽيچنگ سائيڊ ۾ ڀرتي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

جھمپير واقعو: سنڌ سرڪار پاران فوتي پورهيتن جي پونيئرن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان