سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو في مڻ 22 سئو رپيا اگھ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
341

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ خريداري جو اگهه 22 سئو رُپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، صوبي ۾ڪڻڪ جي وڌيڪ اُپت ٿيڻ جي اُميد ظاهر ڪئي وئي آھي

 وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ وارو پيڪيج به منظور ڪيو ويو،  ڪابينا کي بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته وفاق طرفان ربيع ۾ فاسفيٽ ڀاڻ تي سبسڊي جي منظوري ڏني وئي هئي، فيصلي موجب وفاق ۽ صوبو 50-50 سيڪڙو سبسڊي ڏيندا، 1 کان 16 ايڪڙ زمين جي آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي

جڏھن تھ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۽ پوليس آفيسرن جي روٽيشن پاليسي تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ويو آهي ته  9 نومبر 2021 تي سنڌ مان 4 پي اي ايس گريڊ 20 ۽ 7 پوليس سروس آفيسرن جا بدلي ڪيا ويا آهن

ترجمان موجب اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته 4 پي اي ايس ۽ 8 پي ايس پي سنڌ ڏانهن موڪليا ويا آهن، سول سروس رولز 15 (1954 تحت وزيراعظم پي اي ايس ۽ پي ايس پي آفيسرن کي وڏي وزير جي مشاورت سان مقرر ڪري سگهي ٿو

 سنڌ ۾ پي ايس اي گريڊ 20 جون 67 پوسٽون آهن پر 19 آفيسرز ڪم ڪري رهيا آهن، ترجمان موجب سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي آبپاشي کاتي کي درخواست ڪئي آهي ته اها زمين کين ڏني وڃي ته جيئن ان کي ريگيولر ڪري سگهجي، ڪابينا چيو ته اهو مسئلو لڳ ڀڳ سمورن ضلعن ۾ موجود آهي، آبپاشي کاتي جي زمين تي انساني آباديون بڻجي ويون آهن، جنهن تي ڪابينا سمورن ضلعن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ زمين جي سروي ڪرڻ ۽ سروي نمبر الاٽ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي

ترجمان موجب ڪابينا اجلاس ۾  ڪڻڪ جي قيمت خريد ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 27.5 ملين ميٽرڪ 2021-22 ۾ متوقع آهي، ڪابينا ميمبرن چيو ته ڀاڻ ۽ ٻين زرعي شين جا اگهه وڌي ويا آهن، جنهن تي سنڌ ڪابينا 2200 رپيا في في مڻ جي حساب سان اگهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سنڌ ڪابينا چيو ته اميد آهي ته اسان جا هاري وڌيڪ ڪڻڪ پوکيندا، گذريل سال ڪڻڪ جي خريداري جو اگهه ٻه هزار رپيا مقرر ڪيو ويو هو

ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت ربيع ۾ فاسفيٽ ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي، فيصلي موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون 50، 50 سيڪڙو سبسڊي فراهم ڪنديون،  سنڌ جو حصو 21.6 سيڪڙو آهي جنهن تي سبسڊي تي 5.6 بلين رپيا خرچ ٿيندا، هي سبسڊي 1 کان 16 ايڪڙ زمين جي آبادگارن کي ڏني ويندي، وفاق 1.65 ارب رپيا ۽ سنڌ حڪومت 1.65 بلين رپيا سبسڊي ڏيندي، جنهن تي سنڌ ڪابينا پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ ڪابينا وفاقي ڪامورن جون خدمتون واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو