ڪراچي/ڪرمپور/شڪارپور(نمائندن وٽان) سنڌ ڪابينا ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي منظوري ڏيندي هدايتون جاري ڪيون آهن ته شڪارپور نه پر سمورن ضلعن جي ڪچي واري علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي. ٻئي طرف شڪارپور جي ڪچي ۽ ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن جاري آهي، پوليس کي ڪا به وڏي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. ڌاڙيلن ڊرون تي فائرنگ ڪئي جنهن بعد ڊرون موٽي آيو. سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ گھرو سيڪريٽري عثمان چاچڙ ڳڙهي تيغو ۾ پيش آيل واقعي بعد شروع ڪيل آپريشن جي بريفنگ ڏني. وڏي وزير ڪابينا ميمبرن جي منظوري سان اجلاس ۾ هدايتون جاري ڪيون ته ڪچي وارن سمورن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پوليس پاران ٻين فورسز کان مدد ورتي ويندي، وڏي وزير چيو ته نه صرف ڌاڙيلن پر سندن سرپرستن ۽ پاٿاريدارن خلاف پڻ بنارعايت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن آپريشن دوران پوليس جي هر مدد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ شهيد اهلڪارن لاءِ دعا پڻ گھري وئي. هوڏانهن شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ قتل ٿيل ٻن اهلڪارن ۽ فوٽوگرافر جي ڪيس جو ڪوبه ڏوھاري گرفتار ناھي ٿي سگھيو، جڏهن ته چوٿين ڏينھن به آپريشن جاري رھيو آپريشن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد ھٿيارن سان ڏوھارين خلاف پوليس ڪچي ۾ لٿل آھي، پوليس موجب ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ڪشمور جي ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ڊي آئي جي لاڙڪاڻو جي دعويٰ باوجود ڪنهن به زخمي، گرفتار ٿيل ڏوھاري ۽ بازياب ٿيل مغوين کي ميڊيا جي آڏو ظاھر ناھي ڪيو ويو. ذريعن موجب پوليس ڳڙھي تيغو ۾ موجود آهي سڪ بند کان ھيٺ ناھي لٿي. ڳڙھي تيغو چوڪي تي پوليس پاران ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي درياء جي بند سان پوليس جو گشت شروع ڪيو ويو آهي. ڏوهاري ۽ پوليس پري پري کان هڪٻي مٿان فائرنگ پڻ ڪري رهيا آهن. پوليس بند کان هيٺ وڃڻ بدران ڊرون ڪيمره وسيلي ڌاڙيلن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڏوهارين ڊرون ڪيمره کي ڪيرائڻ لاءِ گوليون وسايون جنهن بعد ڊرون واپس هليا ويا.