اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ پاڻي مامرن جي وفاقي وزير  سيد خورشيد احمد شاهه انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ارسا پاران سنڌ کي 9 سيڪڙو وڌيڪ کوٽ ۽ پنجاب کي اضافي 2 سيڪڙو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن جو پاڻي کوٽ، بجلي جي ڊگهي لوڊشينگ خلاف احتجاج،  تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جي ڊي اي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ غوث بخش خان مهر 1991ع  جي پاڻي ٺاهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت ايوان ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، ڊاڪٽر فهميده مرزا جو چوڻ هو ته پاڻي جي شديد کوٽ واري صورتحال آهي، برابري جي بنياد تي پاڻي تقسيم ٿيڻ گهرجي، پر پنجاب ۾ سنڌ  کي حصي جو پاڻي ملڻ کانسواءِ فلڊ ڪئنال کوليا ويا آهن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ مجموعي طور تي 53 سيڪڙو پهچي وئي آهي، سنڌ جي بيراج تي به پاڻي جي تقسيم شفاف نموني نه ٿي رهي آهي، سنڌ اندر به پاڻي جي حوالي سان مانيٽرنگ ڪاميٽي ٺهڻ گهرجي، جواب ڏيندي پاڻي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اهو درست آهي ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿي رهيو آهي، پاڻي ٺاهه جي پيرا ٽو تحت پاڻي جي تقسيم نه ٿي رهي آهي، ان ڪري اهو مسئلو سي سي آءِ ۾ ويل آهي، پاڪستان فيڊريشن آهي، فيڊريشن ۾ حق صوبن جا برابر هوندا آهن، 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ 114 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ذڪر ٿيل آهي، اها حقيقت آهي ته 114 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود ناهي، پاڻي ٺاهه کي 31 سال ٿي ويا آهن ان ۾ ڊيمن جو به ذڪر ٿيل آهي، پر 31 سالن ۾ ڪو ڊيم نه ٺهي سگهيو، پاڻي جي کوٽ واري صورتحال الله طرفان هوندي آهي پر جيڪو پاڻي موجود آهي ان کي صوبن کي حصي تحت تقسيم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي جي سب ڪاميٽي ٺاهي وئي جنهن سکر، گڊو، تونسا ۽ چشما بيراجن تي وڃي جائزو ورتو، رپورٽ پاڻي ڪاميٽي جي 25 مئي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. خورشيد شاهه چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ صوبي کي ڊڪليئر ٿيل 37 سيڪڙو کوٽ کان به 9 سيڪڙو وڌيڪ کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي، سنڌ کي 46 سيڪڙو کوٽ سان ۽ پنجاب کي ڊڪليئر ٿيل کوٽ کان 2 سيڪڙو گهٽ کوٽ ڏئي 2 سيڪڙو اضافي پاڻي ڏيندي 35 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جي دٻاءَ کان پوءِ پنجاب  سي جي لنڪ ڪينال ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال مان پاڻي کڻت گهٽائي آهي، هن چيو ته ماحولياتي تبديلي سبب 2010ع ۾ به تماشو ڏسي چڪا هئاسين ان وقت به اها صورتحال ٿي هئي ته اسان درياهه ۾ دعائون گهريون، درياهه ۾ گل نڇاور ڪيا، ان کان پوءِ جيڪي برساتون پيون ته صورتحال خطرناڪ پيدا ٿي وئي  هئي، ڪيچمينٽ ايريا ۾ گرمي پد گهٽجي ويو آهي، ڪابل ۾ گذريل سال هنن ڏينهن  ۾ وهڪرا 45 هزار ڪيوسڪ پر هن وقت وهڪرا 24 هزار ڪيوسڪ آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت جو دٻاءُ اهو ناهي ته اسان کي وڌيڪ پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ حصي جو پاڻي گهري رهي آهي، پنجاب ۾ به ٿل ۽ ريگستان واري علائقي مان دانهون اچي رهيون آهن ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پيئڻ جو پاڻي پهچايو وڃي، اها صورتحال خطرناڪ آهي، الله تعاليٰ کان دعائون ڪيون وڃن، پر ايتريون دعائون نه گهريون وڃن جو 2010ع واري صورتحال اچي وڃي، جي ڊي اي جي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته 30 هزار ڪيوسڪس پاڻي گم ٿيڻ بابت منهنجي سوال جو جواب نه مليو آهي، جنهن تي پاڻي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جواب ڏيندي چيو ته گڊو ۽ تونسا وچ ۾ پاڻي گم ٿيڻ جي نشاندهي مون ئي ڪئي هئي، مون گڊو کان تونسا وچ ۾ پنجاب جي ڪچي ۾ پاڻ ٽيوب ويل ڏٺا آهن اهي سنڌ جو پاڻي کڻي رهيا آهن، سنڌ جو احتجاج درست آهي، جي ڊي اي جي غوث بخش خان مهر چيو ته سنڌ جي بيراج تي پاڻي جي تقسيم درست نه ٿي رهي آهي، مون شڪارپور سميت رائيٽ بينڪ لاءِ پيئڻ جي مقصدن لاءِ 200 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ لاءِ وزير سان رابطو ڪيو، اگر 10 جون تائين پاڻي نه ملندو ته جانور به اڃ مري ويندو، گهٽ ۾ گهٽ 200 ڪيوسڪ پاڻي ته فراهم ڪرايو وڃي، خورشيد احمد شاهه چيو ته شڪارپور، جيڪب آباد، رتوديرو ۽ ٻين علائقن لاءِ هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ لاءِ مون ڳالهايو آهي، سڀاڻي يا پرينهن تائين اميد ته پاڻي ملندو.  پيپلز پارٽي جي مير منور ٽالپر چيو ته مون بجلي وزير کي چيو ته سنڌ ۾ 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ته وزير چيو ته اسان طرفان لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، هاڻي 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، پاڻي ٽه رخي فارمولي تحت تقسيم نه ڪيو وڃي، پاڻي ورڇ 91 جي ٺاهه تحت ٿيڻ گهرجي، ميرپور خاص، ٿرپارڪر، بدين ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي کوٽ برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي، ن ليگ جي حامد حميد چيو ته اسان جي علائقي ۾ به ڊگهي بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ گيس جي به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، شگفته جماڻي چيو ته سنڌ ۾ 47 کان 52 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد آهي پر بجلي جو نالو نشان ناهي، هن فهميده مرزا جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ان فيصلو ڪيو آهي ته هوءَ روز ايوان ۾ اچي پ پ تي تنقيد ڪندي، ساڍن 3 سالن تائين هو ڪڏهن ڪڏهن ايوان ۾ نظر ايندي هئي، پيپلز پارٽي جي شميم آرا پنهور چيو ته ميرپور خاص ۾ 17 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين چيو ته حيدرآباد ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.