سنڌ کي 1500 سو ارب روپيا مليا آھن پر نظر نٿا اچن لڳا ڪٿي آھن: فواد چوڌري جو الزام

0
298

سڌ سما جي وفاقي وزير فواد چوڌري الزام لڳايو آھي تھ سنڌ کي 2 سال ۾ 15، 16 سو ارب روپيا مليا آھن پر نظر نٿا اچن ٿا تھ ويا ڪٿي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي فواد چوري جو چوڻ ھو تھ جيڪڏھن اسان مراد علي شاھھ اينڊ ڪمپني جي آسري ويٺا رھياسين تھ اڳتي ڪيترائي سال سڄي سنڌ ۾ ترقي ناممڪن آھي. ھن چيوتھ سنڌ ۾ پئسو خرچ ٿيندي نظر نھ پيو اچي. ڪراچي ۾ سڌو سنئون ميئر اچي ۽ انھيءَ کي فنذز ملن تھ مسئلا حل ٿي ويندا، مراد علي شاھھ اينڊ ڪمپني جي آسري تي رھياسين تھ ڪجھھ بھ نھ ٿيندو، سنڌ حڪومت جي سوچ ننڍڙي آھي. وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت ڪراچي جي لاءِ ڪابھ نئين اسڪيم نھ آندي، ڪراچي جي تباھي جو ذميوار مراد علي شاھھ آھي. فواد چوڌري سپريم ڪورٽ کان اپيل ڪئي تھ آرٽيڪل 148 لڳايو وڃي، جيڪڏھن نھ تھ ڇا سڄي سنڌ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي.