اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاق گذريل سالن دوران لڳ ڀڳ 19 سئو ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ڏنا آهن، وفاق کي سڄي ملڪ مان وصول ٿيندڙ ٽيڪس آمدني جو 69 سيڪڙو حصو صوبن کي منتقل ٿي وڃي ٿو، بدين پريس ڪلب جي عهديدارن جي ملاقات دوران هن وڌيڪ چيو ته بدين ۽ گهوٽڪي ۾ گيس جي رائلٽي جي نالي تي سنڌ حڪومت خاطرخواهه رقم وفاق کان حاصل ڪري ٿي، بدين کي پنهنجي مسئلن لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ورڪنگ جرنلسٽ کي حق هجڻ گهرجي ته ميڊيا ٽربيونل ذريعي پنهنجي ڪانٽريڪٽ تي عمل درآمد ڪرائي سگهن، ساڍن 3 مهينن ۾ 70 ڪروڙ رپيا ميڊيا گروپن کي جاري ڪيا پر هن وقت به ميڊيا جا ڪيترائي ادارا پنهنجي ورڪرن کي پگهارون نه ٿا ڏين، ان موقعي تي وفاقي وزير فهميده مرزا چيو ته بدين هڪ وڏي سياسي پسمنظر باوجود پسمانده علائقو آهي، ميڊيا ادارن کي ادائگي باوجود ورڪرن کي پگهارن جي ادائگي افسوسناڪ آهي، جاري ڪيل بيان موجب پريس ڪلب جي عهديدارن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير کي سنڌ حڪومت پاران ٿيندڙ ناانصافين سميت مسئلن کان آگاهه ڪيو، سڌ سماءَ جي وزير مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، ملاقات ڪندڙ ۾تنوير آرائين، شوڪت ميمڻ، حميد سومرو، اشرف ميمڻ، سانوڻ خاصخيلي، ملڪ رياض، عمران عباس خواجا، اشفاق ميمڻ، خالد عباسي، شڪور ميمڻ، شفيع ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ ۽ نور حسن سولنگي شامل هئا.


































