اسلام آباد: ناڻي وزارت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته جولاءِ کان مارچ تائين سنڌ حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ تحت  وفاق پاران 7 کرب 27 ارب رپيا جاري ڪيا جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ان عرصي دوران وفاق کان مليل رقم سوڌو ڪل ٽيڪس آمدني 10 کرب 38  رهي،  ان عرصي دوران سنڌ حڪومت جو ڪل خرچ 8 کرب 93 ارب رپيا رهيو سنڌ حڪومت وفاق کان ورتل قرض تي وياج جي مد ۾ 8 ارب 42 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا.