سنڌ کي اسان ناهي ٻوڙيو: اڻڄاڻائي ۾ ڪي غلطيون ٿيون هونديون: مرادشاهه

0
262
سنڌ ۾ ٻوڏ بعد ڪجهه ماڻهو

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته  سنڌ ۾ برسات سبب ٻوڏ آئي، اسان سنڌ کي ناهي ٻوڙيو، سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن

اڻڄاڻائي ۾ ڪٿي ڪا ڪوتاهي يا غلطي ٿي سگهي ٿي، پاڻي کي نيڪال ڪرڻ  جي ڪوشش ڪريون پيا، وڌيڪ ڪو  نئون علائقو نه ٻوڙيو ويندو، تنقيد ڪندڙ ماهرن ۽ سندن ترجمانن کي سڃاڻون ٿا،  هن وقت به  سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي 7 کان 8 لک ايڪڙ فوٽ ( 7 کان 8 ايم اي ايف ) پاڻي بيٺل آهي  مختلف شهرن ۾ به 3 کان 4 فوٽ پاڻي موجود آهي. ڪٿي به ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو آبپاشي کاتو ڪندو آهي، انهي ۾ انهن کان ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن

Pakistan foreign minister says help needed after 'overwhelming' floods |  Deccan Herald

ڪٽ هڻڻ وارا سمورا فيصلا آرمي انجنيئرنگ ڪور جي مشاورت سان ڪيا ويا، سنڌ ۾ هن وقت برساتن جو ستون مرحلو  هلندڙ آهي، پنجاب ۾ هيل معمول کان 52 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 800 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن. ريلوي لائين کي فعال ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي قدم کنيا پيا وڃن پر ڪو به نئون علائقو ٻوڙڻ جي قيمت تي ڪا شيءِ نه ڪنداسين، اسان کي خيمن ۽ ترپالن جي ضرورت آهي. وفاق 15 ارب رپين جو اعلان ڪيو هو پر اهي اڃا تائين ناهن مليا، ڪالهه سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت تائين پرڏيهي امداد سميت چار لک کان وڌيڪ راشن بيگز ورهايا آهن، اسان جي  ڪوشش آهي ته معمول واري  زندگي جلد بحال ڪئي وڃي

هن چيو ته سنڌو درياءُ جي ٻنهي پاسن تي پاڻي آهي، سنڌو جي کاٻي پاسي جو پاڻي ايل بي اوڊي ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ  ڪرايو ويندو، جڏهن ته ساڄي پاسي موجود 7 کان 8 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ  منڇر کي درياءَ طرف ڪٽ  لڳايو ويو آهي، ڪالهه تائين منڇر جو ڇوڙ 1 لک 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي هو، جيڪو هاڻي 2 لک ڪيوسڪ تائين وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته حمل مان پاڻي ڪڍڻ آسان ناهي، دادو ۾ به پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي،  هڪ فوٽ جو فرق آيو آهي

هن چيو ته آئون نٿو چاهيان ته منهنجو ڳوٺ يا وري ٻئي ڪنهن جو گهر ٻڏي وڃي پر موجوده ٻوڏ واري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ماهرن جي صلاح مشوري سان قدم کنيا آهن.  باقي ڪنهن ماهر اڃا اهو نه چيو آهي ته هتي ڪا غلطي ٿي آهي، ممڪن آهي ته اڻڄاڻائي ۾ ڪا غلطي ٿي هجي. هن چيو ته چانورن جي بچي ويل  فصل کي پاڻي ڏيڻو آهي، جنهن لاءِ رائيس ڪئنال ۾ ٿورو پاڻي ڇڏيو ويو آهي،  هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هاڻ برسات نه پوي. هن چيو ته هن وقت تائين پي ڊي ايم اي 124000 ۽ اين ڊي ايم 10853 ۽ نيوي 2586 خيما ورهائي چڪي آهي

Sindh calls for help for displaced flood-affected people

اسان کي اڃا ڏيڍ لک خيمن جي ضرورت آهي، عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي،  ماڻهن وٽ رهڻ لاءِ گهر ناهن، اسان   1546000 مڇردانيون ۽ اٽڪل 316000 راشن بيگز ورهايا آهن. جڏهن ته نيوي پاران 47175 راشن بيگز ورهايا ويا، وڏي وزير چيو ته صحت جي حوالي سان جوڳا قدم کنيا ويا آهن، صحت کاتي جون 170 طبي ڪيمپون لڳل آهن، چمڙي جي بيمارين جا 600000 ۽ ڊينگي جا 12229 ڪيس سامهون آيا، ڊينگي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي جا آهن. ڪورونا جيان ڊينگي لاءِ اسپتالن ۾ انتظام ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته آئون ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪا سياسي ڳالهه نه ڪريان پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موقعا ايندا آهن ته زبان کلي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪا به پرڏيهي امداد اچي پئي، تنهن کي اين ڊي ايم اي ورهائي رهي آهي. هن چيو ته اسان اٽو به خريد ڪيو آهي ته جيئن متاثرن کي کاڌي پيتي جو مناسب بندوبست ڪري ڏجي

هڪ سوال جي موٽ م هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي ڌاڙيل چوڻ غلط آهي، وڏي وزير چيو ته برسات دوران ڊٺل 30 لک گهرن جي اڏاوت لاءِ 15 سئو ارب رُپيا کپندا، جڏهن ته روڊن جي  بحالي  ۽ زراعت لاءِ 380 ارب رُپين جو بندوبست ڪرڻو پوندو،ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سعودي عرب جي سفير نواف سعيد اي المالڪي ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته سعودي عرب هن ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ آهي،  ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪندو

ھي به پڙھندا

وڏو وزير تبديل نه پيو ٿئي، وفاق سنڌ کي پئسا ناهن ڏنا: عذرا پيچوهو

ٺٽي جي ڪيمپ ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا پر ڊي ايڇ او کي خبر نه هئي: وڏو وزير