حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ شهر توڙي ڳوٺ ٻوڙائڻ خلاف داخل درخواست تي رمارڪس ڏنا آهن ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي سبب سنڌ ٻڏي. لڳي ٿو ته آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جا وارنٽ جاري ڪرڻا پوندا جنهن بعد هو پيش ٿي جواب داخل ڪرائيندو. حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ايڊووڪيٽ ممتاز احمد لاشاري ذاتي حيثيت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته موسمياتي تبديلي جو اڳواٽ اطلاع هو پر ٻوڏ ۽ برساتن کان عوام کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار توڙي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ڪي به جوڳا اپاءِ نه ورتا جڏهن ته سنڌو جي ٻنهي ڪنارن توڙي ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي سميت ڪينالن، واهن، شاخن ۽ سم نالن جي بندن جي مرمت نه ڪرائي وئي جنهن ڪري گهارا لڳڻ سبب سموري سنڌ ٻڏي وئي آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل بئنچ ڪئي. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان سخت پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو اهو ڇو پيش ناهي ٿيو؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته سيڪريٽري ايمرجنسي سبب مصروف آهي جنهن ڪري هن جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر کي اماڻيو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ايس اي کي چيو ته توهان جي ڪرپشن سبب سنڌ ٻڏي جنهن ڪري لکين ماڻهو مشڪلاتن کي منهن پيا ڏين، جيڪڏهن اوهان بند مضبوط ڪرائي پاڻي جي قدرتي لنگهن تان قبضا ختم ڪرايو ها ته سنڌ ٻڏڻ کان بچي وڃي ها. سپرنٽينڊنٽ انجنيئر عدالت کي آگاهي ڏيندي ڄاڻايو ته سنڌ کي انهن ناهي ٻوڙيو، قدرتي آفت سبب سنڌ ٻڏي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا ته اوهان سڀ ڳالهه قدرت تي هڻي پنهنجي جان نه ٿا ڇڏرائي سگهو، اوهان کي گرفتار ڪرايون ٿا پوءِ ڏسون ته سيڪريٽري ڪيئن نه ٿو عدالت ۾ پيش ٿئي. عدالت پاران سخت ڪاوڙ جي اظهار کانپوءِ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل معافي وٺي ايس اي جي جان ڇڏرائي پر عدالت کيس ڪورٽ ختم ٿيڻ تائين عدالت ۾ ويهڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پاران ڄاڻايل ٻڌڻي جو حڪم اڃا جاري ناهي ڪيو ويو.