سنڌ پوليس ۾ نون ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪارن جي ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جي هدايت

0
294
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ پوليس ۾ تازو ڀرتي ٿيل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا پشاور پوليس ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته هن شهيدن جي وارثن لاءِ 10 لک رپيا ۽ زخمين جي علاج لاءِ 5 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي

ڪابينا اجلاس ۾ مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته تازو ڀرتي ٿيل پوليس آفيسرن جي ڊوميسائيل چيڪ ڪئي وڃي

وڏي وزير چيو ته اهي نوڪريون رڳو مقامي ماڻهن لاءِ آهن، آءِ جي پوليس ڊي سيز ذريعي ڊوميسائيل چيڪ ڪرائي رپورٽ پيش ڪري

هي به پڙهندا

ميئر جي مقرري جماعت اسلامي ۽ ٻين جي مشاورت سان ڪنداسين: وڏو وزير