حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پوليس جي حوالي سان سنڌ ۾ اهڙو ڪو قانون موجود نه آهي جنهن ۾ سياسي مداخلت نه هجي. قانون اسيمبلي ۾ جڙي ٿو. ايس ايس پي ۽ ان کان مٿين آفيسرن جي مقرري جا اختيار وزيراعليٰ وٽ آهن. آءِ جي صرف مقررين بابت تجويز ڏئي سگهي ٿو. آءِ جي جي تجويز تحت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ هن وقت بهتر ساک رکندڙ ايس ايس پيز ۽ ان کان مٿين رينڪ جا آفيسر مقرر ٿيل آهن. پوليس جي نظام کي جديد بڻايو پيو وڃي. جاچ شعبي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي جنهن تي جلد ئي عمل ٿيندو. جاچ واري شعبي ۾ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي ڪيسن جي جاچ جا معاوضا ڏنا ويندا ۽ ٽن سالن تائين مقرر ٿيندڙ جاچ آفيسرن جي بدلين تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي ڪيو. آءِ جي سنڌ چيو ته قانون اسميبليون ٺاهين ٿيون. پوليس قانون ۾ ايس ايس پي ۽ ان کان مٿي مقرري جا اختيار وزيراعليٰ کي حاصل ٿيل آهن. صوبي ۾ جيڪو قانون جڙيل آهي اسان کي ان ئي قانون تي عمل ڪرڻو آهي. هن صحافين ۽ پوليس جي گڏيل مسئلن جي حل لاءِ ڊويزن سطح تي ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جن جو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته وٽن 18 لک ڏوهارين جو رڪارڊ موجود آهي. ان جي مدد سان ڏوهارين کي گرفتار ڪري سگهبو. آءِ جي اعتراف ڪيو ته ڌاڙيلن وٽ ڪجهه جديد هٿيار آهن. سنڌ پوليس کي به جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهوٽڪي ۾ پوليس سان پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي. ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. جرڳا سسٽم جا هڪ ئي وقت فائدن سان گڏ نقصان به آهن. فائدو اهو ٿئي ٿو جو جرڳن جي ذريعي برادري جا مسئلا حل ٿي وڃن ٿا پر اهي جرڳا رائج قانون جي ابتڙ آهن. اسان کي قانون تحت معاملن کي حل ڪرڻ گهرجي. پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس عملدارن کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مهر، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ ۽ ٻيا پوليس آفيسر آءِ جي سان گڏ هئا. آءِ جي لطيف آباد ۾ حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرس ۽ سمال انڊسٽريز جي آجياڻي ۾ به شرڪت ڪئي. چيمبر جي صدر فاروق شيخاڻي حيدرآباد ۾ پوليس نفري جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ مقرر ٽريفڪ پوليس جي 300 اهلڪارن کي واپس موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. آءِ جي سنڌ واپارين جي اسرار تي چيو ته حيدرآباد ۾ جلد آر آر ايف جا 500 اهلڪار ڏنا ويندا. ٿاڻي ڪلچر کي ٽيڪنالاجي ۾ تبديل ڪيو ويندو.