سنڌ پوليس جي سي پيڪ سيڪيورٽي لاء ٺاھيل يونٽ ۾ ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجي نوڪرين تان برطرف!!

0
501
ڪراچي: پوليس مقابلو

ڪراچي: سنڌ پوليس جي سي پيڪ سيڪيورٽي لاء ٺاھيل اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجين کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي. ڊي آئي جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجين کي برطرف ڪيو ويو. ذريعن موجب رٽائرڊ فوجين کي ڪانٽريڪٽ بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو ھو، ڀرتين دوران ڪرائيٽيريا جو خيال نه رکيو ويو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سمورن رٽائرڊ فوجين کان ٻيھر امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو ھو، عدالت ڀرتي ڪيل رٽائرڊ فوجين جي تعليمي قابليت، عمر ۽ فزيڪلي فٽنيس جانچڻ جو حڪم ڏنو ھو، عدالتي حڪمن بعد ڪاميٽي رٽائرڊ فوجين کان ٻيھر امتحان ورتو ۽ قابليت چيڪ ڪئي، امتحانن بعد صرف 9 اھلڪارن کي اھل قرار ڏئي باقي سمورن رٽائرڊ فوجين کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ڪاميٽي جي سفارشن بعد ايس پي يو ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجين کي فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو