سنڌ پنجاب بارڊر وٽ ڌاڙيلن 9 دُهلارين ۽ فنڪارن کي اغوا ڪري ورتو

0
277

ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) سنڌ پنجاب بارڊر وٽ ڌاڙيلن 9 دُهلارين ۽ فنڪارن کي اغوا ڪري ورتو آهي، اغوا ڪيلن ۾ ڊانسر ڇوڪرا به شامل آهن

چنيوٽ سان تعلق رکندڙ 9 ئي فنڪار گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار طور گم هئا

وارثن جو چوڻ آهي ته فنڪارن کي هڪ شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ صادق آباد ويجهو گهرايو ويو هو، مغوين جي وارثن موجب ڌاڙيلن فون ڪري هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ گهريو آهي

 پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪرڻ وارو اهو انداز سنڌ جي ڌاڙيلن جو آهي، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ ڌاڙيل مختلف ڏٽا ڏئي ماڻهن کي گهرائڻ بعد اغوا ڪن ٿا

هي به پڙهندا

پنوعاقل ويجهو گم ڄاڻايل 3 نوجوانن جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن 50 لک رپيا گهري ورتا