سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فعال نه ٿي: بجيٽ ۾ 64 سيڪڙو اضافو

0
226

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن

ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين لاءِ اشتهار اڃا جاري نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته چيئرمين لاءِ  اشتهار به نه آيو، بجيٽ ۾ 64 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي

سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ ۽ گورنر سنڌ پاران صحيح ڪري قانوني درجو ڏيڻ باوجود پبلڪ سروس ڪميشن فعال نه ٿي سگهي، جنهن سبب اداري سان واڳيل هزارين ملازم توڙي ٽيسٽ جي انتظار ۾ ويٺل اميدوار پريشان آهن

ڏيڍ سال کان غير فعال ڪميشن جي  بجيٽ 31 ڪروڙ 60 لک مان وڌائي 48 ڪروڙ 78 لک ڪئي وئي

پوڻا 15 ڪروڙ سالياني پگهار توڙي الائونس کڻندڙ 102 آفيسر ۽ 167 ملازم ڏيڍ سال کان فارغ ويٺل آهن

چيئرمين توڙي 10 ميمبرز جي مقرري لاءِ اشتهار نه ڏنو ويو ۽ نه ئي وري اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ڪاميٽي جُڙي  سگهي آهي

ممتاز شاهه، علم الدين بُلو ۽ محمد وسيم چيئرميني جي ڊوڙ ۾ شامل، پر اڃا تائين اشتهار جاري نه ٿيو آهي، تنهنڪري صورتحال ڳجهارت بڻيل آهي

سنڌ سرڪار وٽ اڳ ۾ سيد ممتاز شاهه ۽ علم الدين بُلو جا نالا غور هيٺ هئا، ڪميشن غير فعال هجڻ سبب امتحان وٺڻ تحت ڀرتين وارو عمل به ڏيڍ سال کان وٺي رولڙي جو شڪار آهن