ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ فقير سليم) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 3 سال اڳ چٽاڀيٽي واري امتحان جي نتيجن ۾ هيراڦيري تان 2 ڪنٽرولر معطل: 3 آفيسر راڊار هيٺ: اڳوڻي چيئرمين خلاف ڪارروائي لاءِ راءَ طلب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سال 2020 جي ٿيل چٽاڀيٽي واري امتحانن جي نتيجن ۾ هيراڦيري ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2 امتحاني ڪنٽرولرن هادي بخش ڪلهوڙو ۽ شوڪت اڄڻ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، انهي کان اڳ بورڊ آف روينيو جي اڳوڻي سينيئر ميمبر ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر قاضي شاهد پرويز معاملي جي جاچ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيف سيڪريٽري وٽ رپورٽ جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ اڳوڻي چيئرمين نور محمد جادماڻي، 2 امتحاني ڪنٽرولرن هادي بخش ڪلهوڙو ۽ شوڪت اڄڻ،  اسسٽنٽ ڪنٽرولر نور محمد درس، امتحاني برانچ ٽو جي سپرنٽينڊنٽ محمد يوسف ۽ سيڪريٽ برانچ جي سپرنٽينڊنٽ فاروق نور خان کي ذميوار قرار ڏنو ويو هو، سنڌ حڪومت اهڙي رپورٽ کانپوءِ ڄاڻايل ڪامورن ڪامورن کي معطل ڪيو آهي، جڏھن ته اڳوڻي چيئرمين نور محمد جادماڻي جي پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري سندس خلاف ڪارروائي لاءِ قانون واري کاتي کان راءِ طلب ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف سنڌ سرڪار پبلڪ سروس ڪميشن  جا امتحاني ڪنٽرولر رهندڙ هادي بخش ڪلهوڙو ۽ شوڪت اڄڻ،  اسسٽنٽ ڪنٽرولر نور محمد درس، امتحاني برانچ ٽو جي سپرنٽينڊنٽ محمد يوسف ۽ سيڪريٽ برانچ جي سپرنٽينڊنٽ فاروق نور خان کي چارج شيٽ جاري ڪندي چيو آهي ته اوهان پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي، اوهان کي چارج شيٽ جو 7 ڏينهن ۾ لکت ۾ جواب ڏيڻو آهي، اوهان سرڪار پاران جوڙيل ڪاميٽي آڏو پيش ٿي به جواب ڏئي سگهي ٿا،  جواب نه اچڻ جي صورت ۾ اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين نور محمد جادماڻي خلاف ڪارروائي لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي ته قانون واري کاتي کان راءِ ورتي وڃي ته جيڪو ماڻهو اهو عهدو ڇڏي چڪو هجي، انهي خلاف ڪهڙي ريت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ هوڏانهن چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ڄاڻايل معاملي جي وڌيڪ جاچ لاءِ صوبائي اليڪشن اٿارٽي جي چيئرمين نواز شيخ ۽ صوبائي محتسب علي حسين ملڪ تي ٻڌل هڪ وڌيڪ ڪاميٽي جوڙِي وئي آهي