ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جو سريش ڪمار ايم ڊي مقرر: ڪينجهر تي اليڪٽرانڪ گيٽ لڳائڻ جي منظوري، ڪالهه ايس ٽي ڊي سي بورڊ جو اجلاس ثقافت واري وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايس ٽي ڊي سي جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي مالي سال 2022.23ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي ثقافت واري وزير  سردار شاهه چيو ته ايس ٽي ڊي سي پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، سياحتي ماڳن تي سياحن کي بهتر سهولتون فراهم ڪري، اجلاس ۾ ڪينجهر ڍنڍ واري ريسٽ هائوس تي ٿيندڙ بڪنگ ۽ آمدني جو پتو لڳائڻ توڙي سيڪيورٽي بهتر بنائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ گيٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي اثاثن جي حوالگي بابت تجويز ڪيل رقم جي منظوري لاءِ سمري وڏي وزير کي اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته سنتوش ڪمار کي ايس ٽي ڊي سي  جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.