ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ٻارڙن واري ڪيس ۾ صوبائي ٽاسڪ فورس جي رپورٽ رد ڪندي ٻارن کي فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان 10 جون تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت اختيارين کي گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ايف آءِ اي کان به سهڪار وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جي آءِ ٽيز ۽ پي ٽي ايس ۾ ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسرن کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه 11 کان وڌيڪ گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران پوليس عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ٻارڙن کي ڪنهن اداري حراست ۾ ناهي ورتو ته پوءِ اُهي ڪيڏانهن ويا؟ گم ٿيل ٻارڙا انساني اسمگلنگ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، ٻارڙن جي ڳولا لاءِ لاڳاپيل ادارن پاران سنجيده قدم ڇو نه پيا کنيا وڃن؟ ٻڌڻي دوران عدالت ڊي آءِ جي (سي آءِ اي) کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا اٿئو؟، جنهن تي ڊي آءِ جي ٻڌايو ته لڳي ٿو ته ڪجهه ٻارڙن جو ذهني توازن صحيح ناهي، اهڙا ٻارڙا گدا گري ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، اسان فقيرن خلاف مهم شروع ڪئي آهي، جلد ئي ٻارڙن کي ڳولي وٺنداسين، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.