سنڌ ٻوڙڻ جي منصوبا بندي ڪرڻ وارا دماغ

0
260
سنڌ ۽ پاڪستان ،اچو ته سنجيده بحث جو آغاز ڪيون

 جديد  عالمگير مواصلاتي نظام جي موجودگيءَ ۾ اھو چوڻ  ته اسان کي اڳواٽ خبر نه ھئي، ان کان وڏو ڪوڙ ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو؟

                 سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ھن زماني ۾ اسان جا حاڪم ان حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف ھئا ته ھن ڀيري غير معمولي برساتون پونديون ۽ 2010ع جھڙي ڪا مھا ٻوڏ نه ايندي. انھن ٻن حقيقتن جي اڳواٽ مليل ڄاڻ جي بنياد تي ئي بلوچستان کي ٻڏڻ ڏيڻ ۽ سنڌ کي ٻوڙڻ جي اڳواٽ رٿابندي ڪئي وئي. سرائيڪي وسيب ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪيتري برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي ٿيندي تنھن کان به پاڪستان جا حڪمران ڀلي ڀت واقف ھئا ۽ کين اھو به اطمينان ھيو ته اقتدار جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ ميدان يعني سينٽرل پنجاب ۽ ڪراچي ۾ ٻوڏ ۽ برسات ۾ ڪا خاص تباهي ناھي ٿيڻي.

                 توھان  پاڪستاني حڪمرانن جي گذريل چئن مهينن جي حڪومتي قدمن جو سنڌو ماٿري جي لوڪ ڏاهپ جي اک سان جائزو وٺو ته سموريون ڀيانڪ حقيقتون اوھان جي اکين آڏو سج جي روشنيءَ جيان نروار ٿي وينديون.

سڀ کان پهرين اچون ٿا سنڌ جي لوڪ ڏاهپ تي. توھان جھل مگسي، شھدادڪوٽ، وارھه، گاجي کھاوڙ، خيرپور ناٿن شاهه،ميھڙ،جوھي، ڀان، دادو، سيوهڻ،بوبڪ  کان سنڌو سرسوتي تھذيب جي پراڻ ڍوري ۽ ھاڪڙي تائين  عام ماڻهن کان پڇي ڏسو ته ھو ڇا ٿا چون ته کين برساتن ۽ ٻوڏ ٻوڙيو آهي يا سنڌ حڪومت ٻوڙيو آهي؟ ھاڻي ايئن نه چئجو ته عوام جاھل آھي. اھا خوشفهمي سنڌ ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي ضرور آهي پر سچ اھو آهي ته عوام جاھل ناھي پر بيوس ضرور آهي ۽ ان بيوسيءَ جي تخميني تي ئي سنڌ کي ٻوڙي پاڪستاني خزاني جا نوان انبار ميڙڻ جي رٿابندي ٿي آھي.

توھان غور ڪيو ته غير معمولي پر پاڪستاني حڪمرانن کي اڳواٽ معلوم برساتن جي سلسلي سڀ کان پهرين ڀيانڪ انساني المئي کي جنم بلوچستان ۾ ڏنو ۽ اسان جي حاڪمن شعوري طور ايئن ٿيڻ ڏنو.ان جو ثبوت اھو آهي ته ھنن بلوچستان جي عوام کي ايندڙ آفت جي  ڪابه آگاھي نه ڏني ۽ نه ئي پاڻ ڪي جوڳا قدم کنيا. نه ته ٻه مھينا اڳواٽ مليل ڄاڻ جي بنياد تي ڪافي نقصان کان بلوچستان جو عوام بچي سگهيو پئي. پر اتان جي عوام جي اسان جي حاڪمن کي ڪيتري  غرض آھي اھو اوھان بلوچستان جي لوڪ ڏاهپ کان پڇي ڏسو.

سڄو بلوچستان ٻڏي ويو پر ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نه چري. بلوچستان جو پاڻي جڏھن جھل مگسيءَ کان سنڌ ۾ داخل ٿيو ته وزيراعظم شھباز شريف سان گڏ سڀ حاڪم عوام سان ھمدردي جي آڙ ۾ اھو جائزو وٺڻ آيا ته ھي پاڻي سنڌ ڪيتري تباهي مچائي سگهي ٿو ۽ ھاڻي عالمي امداد جي اپيل ڪجي يا اڃان ڪجهه وڌيڪ تباهي جو انتظار ڪجي. اوھان ڏٺو ھوندو ته بلوچستان جي تباهيءَ تي عالمي ضمير کي جنجھوڙڻ جي ڪابه ڪوشش نه ٿي بلڪه نيشنل ميڊيا به مليل اسڪرپٽ تحت رڳو حاڪمن جي چلولاين تي ئي مرڪوز رھي. ۽ اڃان به اھائي ڪرت جاري آهي. ھن راند ۾ ڪوئي عوام دوست يا اينٽي اسٽيبلشمينٽ ناھي، سڀ ھڪ ئي فلم جا ڪردار آهن. ھيرا به ھنن جا آهن ۽ ولين به سندن جا چونڊيل ھجن ٿا بس وارو ڦيرو ٿيندو رھي ٿو.

پوءِ سنڌ ۾ جڏھن تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيو ته اسان جي حاڪمن سان گڏ قومي ميڊيا جو جيءُ به جھري پيو ۽ عالمي امداد جا آواز به بلند ٿيڻ لڳا ۽ سڀ امداد ميڙڻ ۾ گڏ ٿي ويا. قومي ميڊيا تي به امدادي فنڊ گڏ ٿيڻ لڳو ته وزيراعظم فنڊ به قائم ٿي ويو ۽ ٽيليٿون ذريعي پنجن ڪلاڪن ۾ پنج ارب به گڏ ٿيا. سڀ جا سڀ ھڪ پيج تي اچي ويا، سڀ سنڌ جا ھمدرد بڻجي ويا، سڀ مال ميڙڻ ۾ لڳي ويا.

ڏسجي ته اڳيان ڇا ٿو ٿئي؟