سنڌ يونيورسٽي ۾ ماسترياڻيءَ جو هلندڙ ڪلاس دوران استاد تي مڪن جو وسڪارو

0
932
سنڌ يونيورسٽي ۾ ماسترياڻيءَ

ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي سي آر ڊي سي جي ليڪچرار پاران شعبي جي ڊائريڪٽر تي مبينا حملو ڪيو ويو، ليڪچرار ساره شيخ پاران هلندڙ ڪلاس دوران ڊپارٽمينٽ پهچي چيئرمين بشير ميمڻ تي مڪن ۽ لتن جو وسڪارو لائي ڏنو

واقعي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شعبي جي شاگردن ۽ استادن پاران ڊپارٽمينٽ گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، شاگردن موجب هلندڙ ڪلاس دوران استاد مٿان حملو ڪيو ويو، ساره شيخ کي فوري طور هٽايو وڃي.

ٻئي پاسي بشير ميمڻ چيو آھي تھ سارا شيخ پاران ھلندڙ ڪلاس دوران حملو ڪيو ويو، سارا شيخ بدتميزي پڻ ڪئي، ھوءَ غيرحاضر رھندي آھي