ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ مختلف 48 شعبن ۾ ايم فل ايم ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي ويئي، جنهن ۾ 1800 کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر، ڊپارٽمينٽ آف زولاجي، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ فئڪلٽي آف فارميسي ۾ منعقد ڪئي ويئي. ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن انگريزي ادب، انگريزي لسانيات، سنڌي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڊيٽا سائنس، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، ٽيلي ڪميونيڪيشن، اليڪٽرانڪس، مسلم هسٽري، فارميسي پريڪٽس، فارماسيوٽڪس، فارماڪولاجي، فارماڪوگنوسي، ايجوڪيشن، ڪمپيوٽر سائنس، ميٿميٽڪس، آرگينڪ ڪئمسٽري، فزيڪل ڪئمسٽري، فزڪس، فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز، فزيالاجي، جيالاجي، باٽني، زولاجي، جاگرافي، جينڊر اسٽڊيز، انوائرنمينٽل سائنسز، اسٽيٽسٽڪس، فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنس، بايو ڪئمسٽري، بايو ٽيڪنالاجي، نيوٽريشن اينڊ فوڊ ٽيڪنالاجي، جينيٽڪس، مائيڪرو بائلاجي، اڪنامڪس، انٽرنيشنل رليشنز، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، پوليٽيڪل سائنس، فزيالاجي، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، سوشيالاجي، ڪرمنالاجي ۽ فار ايسٽ ايشين اسٽڊيز ۾ ايم فل ڊگري پروگرام لاءِ 1800 کان وڌيڪ اميدوارن کان انٽري ٽيسٽ ورتي ويئي. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر موجب بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس ۾ ايم فل ۾ داخلائن لاءِ اڄ 100 کان وڌيڪ اميدوارن ٽيسٽ ڏيندا. مجموعي طور 1900 کان وڌيڪ اميدوارن مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرايون.