ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو هڪ ڀيرو ٻيهر مالي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، ٽي تاريخ باوجود ملازمن،استادن توڙي آفيسرن کي پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن، انهيءَ ڪري يونيورسٽي جا ملازمن پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، اهڙي عمل خلاف سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم سيوا استادن جي تنظيم سوٽا پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سيوا صدر محمد علي گهانگهرو، سوٽا جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ذوالفقار علي رستماڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اڄ ٽي تاريخ ٿي وئي آهي پر ان باوجود اسان کي پگهارون ناهن ملي سگهيون جنهن ڪري هاڻ اسان تمام گهڻو پريشان آهيون، هان زندگي گذارڻ به تمام گهڻو مشڪل ٿي وئي آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته ملازمن کي پگهارون ڏئي ملازمن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ پاران فنڊ جاري ناهن ٿي سگهيا جنهن ڪري پگهارون ناهن جاري ٿي سگهيون، وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته سڀاڻي تائين اميد آهي ته فنڊ جاري ٿي ويندا، اميد آهي ته هڪ ٻن ڏينهن اندر ملازمن کي پگهارون ڏئي ڇڏينداسون