سنڌ يونيورسٽي دادو جي ڪئمپس ۾ پرو وي سي ۽ هٽايل فوڪل پرسن وچ ۾ تڪرار

0
265
سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس
سنڌ يونيورسٽي دادو جي ڪئمپس ۾ پرو وي سي ۽ هٽايل فوڪل پرسن وچ ۾ تڪرار

دادو: سنڌ يونيورسٽي دادو جي ڪئمپس ۾ پرو وي سي ۽ هٽايل فوڪل پرسن وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، پرو وي سي غلام سرور ڳچل اظهر شاهه تي ڪئمپس جو ماحول خراب ڪرڻ جا الزام هنيا آهن

پرو وي سي غلام سرور طرفان ايس ايس پي ۽ ڊي سي دادو کي خط لکي اظهر شاهه کي ڪيمپس اچڻ کان روڪڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

غلام سرور ڳچل اظهر شاهه کي لکين رُپين جي ماليت جو سامان واپس ڪرڻ لاءِ به خط اُماڻي ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار طرفان هٽايل فوڪل پرسن اظهر شاهه کي فرسٽ سيميسٽر تائين آءِ ٽي جو پروفيسر مقرر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪئي وئي آهي