سنڌ يونيورسٽي جي 75 شاگردن تي دهشتگردي ۽ بغاوت جو ڪيس داخل

0
371

ڄامشورو: پوليس سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلز  تي چڙهائي کانپوءِ 75 شاگردن خلاف دهشتگردي ۽ بغاوت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

ايف آءِ آر ۾ 65 اڻڄاتل جوابدار، جڏهن ته سڃاتل شاگدن ۾ مور شاهه، حسنين جوڻيجو، علي رضا بروهي، ثقلين سنڌي، جبار بوزدار، بهرام پنهور ۽ ٻيا شامل آهن

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هاسٽل مان نڪرندڙ شاگردن ملڪ خلاف نفرت پکيڙيندڙ نعريبازي ڪئي، مظاهرين ڊيوٽي اٽڪاءَ ڪندي پٿراءَ ڪيو

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته پٿراءَ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ پوليس جي هڪ گاڏيءَ جا شيشا به ٽٽي پيا

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا جي سيڪيورٽي ڏيڻ واري درخواست تي پوليس يونيورسٽي پهتي هئي