ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ۾ حيدرآباد، ڄامشورو، واڌو واهه، حالا ناڪا، ڦليلي، قاسم آباد، اولڊ ڪئمپس سميت مختلف روٽن تي هلندڙ 23 بسون ناڪارا بڻيل آهن، جنھن سبب سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ سفري سهولتون اڻپورو ۽ ناڪارا بسون هجڻ ڪري سفر جي وقت روٽ تي هلڻ دوران ئي خراب ٿي وڃن ٿيون جنھن سبب شاگردن جي تعليم ۽ آفيسرن جو انتظامي ڪاروهنوار صبح جي وقت رولڙي جو شڪار ٿي وڃي ٿي انهيءَ حوالي سان شاگردن اڳواڻن امر آڪاش لاکو، هالار جمالي، اياز نوحاڻي ۽ ٻين روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن کي سفري سهولتون سٺي نموني سان فراهم ناهن ڪيون ويون جنھن سان شاگردن ۽ شاگردياڻيون کي سفر ڪرڻ ۾ پريشان سان گڏوگڏ زندگي جو به خطرو رهي ٿو مختلف روٽن تي اڪثر ڪري بسيون خراب ٿي وڃن ٿيون جنھن ڪري شاگردن وقت سان ڪلاس نٿا وٺي سگهن. شاگردن پاران انتظاميا کان مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور تي خراب بسن جي مرمت ڪرائي محفوظ سفري سهولتن واري معاملي جي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ هو ته شاگردن جي سفري سهولتون لاءِ يونيورسٽي جي ذاتي ڪشاديون بسون سان گڏ پرائيوٽ بسون به هلن ٿيون مناسب ڪرائي ۾ شاگردن کي ڪوشش ڪري سٺيون سفري سهوليتون ڏئي رهيا آهيون ڪجھ بسون خراب آهن جن لاءِ ٺيڪيدار کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور کين سھي ڪرائي هلايو وڃي،