ڄامشورو (ن پ ا) سنڌ يونيورسٽي جو هڪ هاسٽل پوليس حوالي ڪرڻ جو انڪشاف، هاسٽل جي گارڊز جي مبينا بدتميزي خلاف شاگرد سراپا احتجاج بڻيل، يونيورسٽي جي شاگردن آرٽ فيڪلٽي کان سينٽرل لائبريري تائين ريلي بعد ڌرڻو هنيو، انتظاميا خلاف نعريبازي، شاگردن دانهيو آهي ته فيسز اوڳاڙڻ باوجود هاسٽل تي شاگردن کي ڪي به سهولتون نه ڏنيون ويون آهن، گارڊز به شاگردن سان بدمتيزي ڪن ٿا، شاگردن طرفان بدتميزي ڪندڙ گارڊز خلاف ڪارروائي، هاسٽلز تي بُنيادي سهولتون ڏيڻ ۽ پوليس کان هاسٽل خالي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.