ٺاروشاھ (ن پ ا) ڀارت جي مشھور راڳي  پريم ڀارتيا سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر جي جنم ڀومي گهر جو دورو ڪيو، پريم ڀارتيا جي ٺاروشاھ آمد تي شھرين کيس اجرڪ ۽ ٽوپيون پارائي ڀرپور استقبال ڪيو، ان موقعي تي راڳي پريم ڀارتيا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي محبت ڪندڙ ماڻھن جو ديس آھي، اڄ ٺاروشاھ ۾ پهچي مهان راڳي ماسٽر چندر جو گهر گهمي ڏاڍو خوش ٿيو آھيان، زندگيء ۾ خوائش ھئي ته ماسٽر چندر جو گهر ڏسان، اڄ پاڻ کي وڏو خوش قسمت سمهجي رهيو آھيان، هن چيو ته ٻڌنداهاسين ته سنڌ ۾ پيار ۽ محبت ورهائي ويندي آھي اڄ سنڌين پاران منهنجي ايتري عزت ڪرڻ تي يعقن ٿيو ته سنڌي واقعي ئي مهمانواز ۽ پيار ونڊيندڙ ماڻھون آھن. ان موقعي تي پريم ڀارتيا ماسٽر چندر جو تخليق ڪيل دوهيڙو پڻ گونجاري شھرين کي ٻڌايو.