ڪراچي: سنڌ خوراڪ کاتي وٽ 4 لک 55 هزار ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود، هلندڙ مهيني جنوري ۾ صوبي جي فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي 2 لک 27 هزار ٽن ڪڻڪ رليز ڪئي وئي، بند پيل فلور ملن ۽ اٽي چڪين بابت ڊي ايف سيز کان رپورٽ طلب، سبسڊي اگھن تي ڪڻڪ وٺڻ باوجود فلور ملون ۽ اٽي چڪيون نه هلائيندڙن جون ملون ۽ چڪيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان حوالي سان خوراڪ کاتي پاران هلندڙ جنوري مهيني ۾ فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي 2 لک 27 هزار ٽن ڪڻڪ رليز ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت صوبي ۾ ڪڻڪ جو 4 لک 55 هزار  ٽن اسٽاڪ موجود آهي، اختيارين موجب  آڪٽوبر ۾ 2 لک 10 هزار ٽن، نومبر ۾ 2  لک 10 هزار ٽن ۽ ڊسمبر ۾ 2 لک 27 هزار ٽن ڪڻڪ رليز ڪئي وئي هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اها سروي ڪرائي پئي وڃي ته صوبي ۾ ڪهڙيون فلور ملون ۽ اٽي چڪيون آهن جن سسبڊي اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ باوجود اٽي جي پيهائي ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري اسٽال لڳايا آهن،  اهڙين ملن کي بند ڪيو وينديو. واضح رهي ته خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران صوبي جي سمورن ڊي ايف سيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بند پيل فلور ملن ۽ اٽي چڪين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.