لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ ورهائڻ جو مطالبو ايم ڪيو ايم جو ذاتي آهي، ان کي اسين رد ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ ڪڏهن به سنڌ جي ورهاست نٿي چاهي ۽ نه ئي ان جي حمايت ڪندي، سنڌ حڪومت “نيا پاڪستان اسڪيم” تحت ٺهندڙ گهرن ۽ مفت انصاف صحت ڪارڊز ۾ رڪاوٽ آهي، لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته سنڌ حڪومت اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ پئسن جي بجيٽ مان ڪنهن به سال 100 سيڪڙو بجيٽ خرچ نه ڪري سگهي آهي، هلندڙ مالي سال ۾ 85 ارب رپيا خزاني ۾ موجود هئا جيڪي به سنڌ حڪومت خرچ نه ڪري سگهي، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ منصفاڻي ٿيڻ گهرجي، وفاق پنهنجي حصي جا پئسا صوبي کي مهيا ڪري ٿو پر سنڌ صوبو پنهنجا ملندڙ پئسا به خرچ نه ٿو ڪري سگهي. گورنر پاڻي ورڇ جي حوالي سان وفاق مٿان الزامن کي رد ڪندي چيو ته سڀني صوبن جي پاڻي جي حوالي سان ڪٽوتي ٿي هئي پر بعد ۾ گليشيئر پگهرجڻ سبب پاڻي جي ورڇ ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ صوبن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه پئي ٿئي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن جو به حق نه ماريو وڃي ۽ سڀني آبادگارن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي. هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم خصوصي طور ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته سکر شهر ۾ اچي مون کي ڏک پهتو، سکر شهر ۾ برساتي پاڻي ۽ قرباني جي جانورن جا اوجهه اڃا تائين موجود آهن، انهن کي نه کنيو ويو آهي، ڪراچي کان اوٻاڙو تائين ڪچرو ۽ برساتي پاڻي جي ڪري عوام پريشان آهي. هن چيو ته ڊيلٽا وائرس انڊين آهي جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي، ان حوالي سان برساتي پاڻي کي فوري طور ڪڍيو وڃي ۽ جانورن جي اوجهن جي به جلد کان جلد صفائي ڪرائي وڃي، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري کيس آگاهي ڏيندس. هن جو چوڻ هو ته عمران خان پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، پاڪستاني پاسپورٽ کي پوري دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، وزيراعظم اقوام متحده ۾ جيڪا تقرير ڪئي ۽ آمريڪا جي اکيون اکين ۾ ملائي چيو هو ته جيڪو اسان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندو اسان ان کي ڀرپور جواب ڏينداسين. گورنر چيو ته نيا پاڪستان اسڪيم جي حوالي سان پشاور سميت بلوچستان ۽ پنجاب صوبا بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪراچي لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي پئڪيج جوڙيو آهي، جنهن ۾ 700 ارب رپيا وفاق جڏهن ته 315 ارب رپيا سنڌ حڪومت جو حصو هوندو، جنهن ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ لاءِ ان جي ڪا به سياسي وابستگي نه هوندي، جنهن جو وسيع تجربو هوندو اهو ئي ايڊمنسٽريٽر ٿيندو.