ڄامشورو (رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) سنڌ ورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، هوائي يائرنگ، 3 شاگرد زخمي، هڪ ڄڻي کي هاسٽل مان سسپينڊ ڪيو ويو. ان ڏس ۾ سنڌ ورسٽي ۾ سينٽرل لائبريري وٽ شاگردن جي ٻن گروپن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد هڪ ڌر انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، انتظاميا ڳالهين بعد روڊ  کولرايو، جڏهن ته جهيڙي ۾ شاگردن جي گروپن پاران هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جنھن سبب انگلش شعبي جي ٽئين سال جو شاگرد عامر کوسو، آءِ ٽي شعبي جو افتخار ڊومڪي ۽ دادن عمراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف  ايس ايچ او ڄامشورو مظهر نائچ ٻڌايو ته ڪجهه شاگرد معمولي زخمي ٿيا آهن جنھن فائرنگ ڪئي آهي انهي مٿان ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي،ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ڪئمپس ڪاشف ناريجو ٻڌايو شاگرد دادن عمراڻي کي هاسٽل سيسپينڊ ڪيو ويو آهي، انتظاميا سيڪيورٽي عملي سان پھچي حالت کي ڪنٽرول ۾ آندو، ڪاميٽي جوڙي جهيڙي جي ذميوار شاگرد خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.